اسلام آباد- 13 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ صبح/ رات جي وقت ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پنجاب جي اڪثر علائقن ۽ مٿاهين سنڌ ۾ صبح/ رات جي وقت ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ مٿانهين وارن علائقن ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌي رهي. پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پڌ اسڪردو ۾ ڪاٽو 11، گوپس، استور ۾ ڪاٽو 10، ليه ۾ ڪاٽو 09، گلگت، ڪالام ۾ ڪاٽو 07، بگروٽ، هنزن ۾ ڪاٽو 06، دير ۽ چترال ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.