اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته 190 ملين پائونڊ ميگا ڪرپشن اتفاق نه آهي پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو، اڄ ڪيس جو فيصلو ٿيڻو هو پر جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا، انهن عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جي عادت ٺاهي ڇڏي آهي، فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن تائين غيرحاضري ۽ دير جا حربا استعمال ڪيا، توشه خانه ڪيس ۾ به دير جا حربا استعمال ڪيا، ڪڏهن وڪيل تبديل ڪيا ته ڪڏهن وڪالت ناما، بيگناهه ماڻهو ڪڏهن به وڪالت ناما ۽ وڪيل تبديل ناهي ڪندو، عدالتي ڪيسز ۾ دير وارا حربا استعمال ڪرڻ انهن جو شيوو رهيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ سينيٽر طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جو اڄ فيصلو ٿيڻو هو پر جوابدار عدالت ۾ پيش نه ٿيا، انهن عدالتن ۾ پيش نه ٿيڻ جي عادت ٺاهي ڇڏي آهي، ماضي ۾ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 6 سالن تائين غيرحاضري ۽ دير جا حربا استعمال ڪيا ويا، توشه خانه ڪيس ۾ به انهن دير جا حربا استعمال ڪيا، ڪڏهن وڪيل تبديل ڪيا، ڪڏهن وڪالت ناما تبديل ڪيا، ٻن ٻن مهينن جون تاريخون وٺڻ، ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ، اهڙن حربن ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ پي ايڇ ڊي ڪيل آهي. هن چيو ته بيگناهه ماڻهو ڪڏهن به وڪالت ناما ۽ وڪيل تبديل ناهي ڪندو، عدالتي ڪيسز ۾ دير جا حربا استعمال ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو رهيو آهي. وفاقي وزير چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ انهن ڌاڙي جي ذريعي پئسا کڻي ٻئي کي جمع ڪرايا. هن سوال ڪيو ته ڪابينا جي اندر بند لفافو کڻي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، بند لفافو اهو کڻي ويندو آهي جنهن کي ڊپ هجي ته جيڪڏهن اهو کلي ويو ته ان تي ڪو اتفاق نه ڪندو ته ايترو وڏو ڌاڙو هنيو پيو وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ دور جي ڪابينا 190 ملين پائونڊ جي ڌاڙي جي توثيق ڪئي، ان وقت ڪجهه ماڻهن لفافو کولڻ جي سگهه ڪئي ته انهن کي چيو ويو ته اهو نه ٿو کولي سگهجي، ڪابينا اجلاس ۾ لفافو لهرايو ويو ۽ چيو ويو ته منظور آهي. هن چيو ته اهو پاڪستان حڪومت جو پئسو هو جيڪو سرڪاري خزاني ۾ اچڻ گهرجي ها پر ان وقت جي وزيراعظم، ان جي گهرواريءَ ۽ فرح گوگي سميت پوري گينگ ان رقم مان زمينون خريد ڪيون ۽ پراپرٽي ٽائيڪون کان 5 قيراط هيري جي مُنڊين جو مطالبو ڪيو جنهن جي آڊيو سڀني جي سامهون موجود آهي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندس گهرواريءَ توشه خانه تائين ڦري ويا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 190 ملين پائونڊ جو اسڪينڊل پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ ۽ سندس گهرواريءَ بليڪ مني کي وائيٽ ڪرڻ جي لاءِ القادر ٽرسٽ ٺاهيو جنهن جي لاءِ زمين به انهي پراپرٽي ٽائيڪون فراهم ڪئي جنهن جا اربين رپيا معاف ڪيا ويا، اهو رڳو اتفاق نه هو پر سوچيل سمجهيل منصوبو هو. انهي پراپرٽي ٽاڪيون کان بني گالا ۾ 200 ڪينال زمين ورتي وئي، 5، 5 قيراط جي هيري جون مُنڊيون ورتيون ويون. هن چيو ته ان ميگا ڪرپشن جي ذريعي انهن لاهور ۾ پنهنجي گهر کي ٻيهر تعمير ڪيو جنهن جي ڪا ڊڪليئريشن موجود نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ٽرسٽ ٺاهي رهيا هئا ته توهان ايڌي يا ڇيپا وارن سان گڏجي ٺاهيو ها ته ڪير توهان کان نه پڇي ها پر توهان هڪ شخص جا اربين رپيا معاف ڪرڻ جي لاءِ ان کان اربين رپيا وصول ڪيا ۽ ان بليڪ مني کي وائيٽ ڪرڻ جي لاءِ فراڊ ٽرسٽ ٺاهيو. هن چيو ته 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس کان هي ان لاءِ ڀڄي رهيا آهن ڇو ته انهن کي خبر آهي ته ان ڪرپشن ۾ انهن جا هٿ رڱيل آهن، اهي قصوروار آهن. هن چيو ته هڪ شخص کان انهن پراپرٽي ورتي، پئسو ورتو، مُنڊيون ورتيون، فائدا ورتا ۽ ڪابينا جي ذريعي ان کي رعايت ڏني، سپريم ڪورٽ ان تي ٺپو هڻي چڪي آهي، هاڻي توهان کي جواب ڏيڻو پوندو ۽ ان جو ڪِيتو لوڻڻو پوندو. ايتري وڏي ڪرپشن ۾ باني چيئرمين پي ٽي آءِ بطور وزيراعظم پوري ڪابينا کي ملوث ڪري بند لفافو منظور ڪرايو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جيل ۾ هو هو عدالت نه ويو، بشريٰ بي بي فيصلو ٻڌڻ جي لاءِ ڇو نه وئي؟ کيس عدالت وڃڻ گهرجي ها ۽ اتي پنهنجي بيگناهي تي ڳالهه ڪري ها پر هي دير جا حربا استعمال ڪري رهيا آهن. هن چيو ته فيصلو ٻڌڻ جج جي صوابديد تي آهي، معزز جج مهلت ڏني آهي، جوابدارن جي غيرموجودگي ۾ به فيصلو ٻڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پي ٽي آءِ ورهائجي چڪي آهي. انهن نفرت جو ٻج پوکيو اڄ اهو فصل لُڻي رهيا آهن، ڪوڙ، منافقت ۽ فريب جي سياست انهن جو شيوو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فرح گوگي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي پر هن ڪيس ۾ هو شريڪ جوابدار آهي، هن ڪيس جو سرغنو باني چيئرمين پي ٽي آءِ آهي. هن چيو ته فرح گوگي کي اڳ ۾ به نوٽيس جاري ويا آهن، جيڪڏهن هن ڪجهه نه ڪيو ته اچو ۽ پنهنجو پاڻ کي قانون جي حوالي ڪريو، ميرٽ تي جاچ ٿيندي. هن چيو ته انهن سڀني جا ڪرپشن ۾ هٿ رڱيل آهن، ان لاءِ هي قانون کي منهن ڏيڻ نه ٿا چاهين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ بطور وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ ايجنڊا منظور ڪرائڻ جي عيوض روڪ، زمينون ۽ مختلف شيون ورتيون، رشوت وٺڻ جا ثبوت پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين ۽ سندس گهرواريءَ جا نڪتا آهن.