اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تربت ۾ روڊ ڪناري بم ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائيندڙ شرپسندن جي منصوبن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڌماڪي ۾ مارجي ويل شهرين جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم واقعي جي جاچ ۽ ذميوارن جي فوري نشاندهي ڪري انهن کي سزا ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته شرپسند عنصرن جي بلوچستان ۾ بدامني ڦهلائڻ جي منصوبن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. بلوچستان کي دهشتگردي جي لعنت کان پاڪ ڪرڻ تائين دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي ترقي جا دشمن آهن.