اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي عزم کي ورجايو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ٻن مختلف ڪاررواين ۾ فتنه الخوارج جي 9 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر مملڪت ملڪ مان فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جو عزم ورجائيندي چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ڪارروايون ڪري رهي آهي۔ صدر مملڪت چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف متحد آهي، دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين فتنه الخوارج خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.