واشنگٽن -30 سيپٽمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته آمريڪا، ايران جي جاري ڪيل بيان کي سنجيدگي سان ٻڌي رهيو آهي ۽ انتظار ڪري رهيو آهي ته ايران ڇا ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب جان ڪربي انٽرويو ۾ چيو ته اسان لبنان ۾ ايندڙ صحيح قدم بابت اسرائيل سان ڳالهيون ڪندا رهندا آهيون . آمريڪا ، حزب الله قيادت جو خال ڀرڻ جي ڪوششن کي ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حزب الله يا ايران سان جنگ اتر اسرائيل ۾ آبادي جي حفاظت ۽ انهن کي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ جو رستو ناهي. اسرائيل جي سلامتي لاءِ آمريڪا جي حمايت ٺوس آهي. ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. ياد رهي ته ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا تي حسن نصرالله جي قتل ۾ اسرائيل جو ساٿي هجڻ جو الزام لڳائيندي اهو بيان ڏنو هو ته حسن نصرالله جو قتل بنا ڪنهن رد عمل جي نه ڇڏينداسين. ايران جي پرڏيهي وزير چيو ته اسرائيل لبنان ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان ڪري بي چين آهيون ۽ اسرائيل کي به سڪون نه ملندو. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته بيروت ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي ڊپٽي ڪمانڊر عباس نيلفروشان جي قتل جي ذميواري اسرائيل تي لاڳو ٿئي ٿي. هن ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر حسين سلامي جي نالي تعزيتي خط ۾ لکيو ته برگيڊيئر جنرل نيلفروشان جي قتل جي ڏوهه جو جواب ورتو ويندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورن سياسي ، سفارتي، قانوني ۽ عالمي فورمن تي آواز اٿاريو ويندو.