واشنگٽن-27 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا، اسرائيل جي وزيراعظم نيتن ياهو جي انڪار باوجود عارضي جنگ بندي تي قائم رهڻ جي عزم جو ورجاءِ ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان ۾ حملو روڪڻ جي حوالي سان آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ هر قسم جي جنگ جو خطرو آهي پر ان باوجود هن چيو ته سفارتي حل اڃان به موجود آهي . هن لنڊن ۾ پنهنجي برطانوي ۽ آسٽريلوي هم منصبن سان ملاقات بعد بيان ۾ چيو ته دنيا کي هاڻي هڪ وڏي جنگ جو خطرو درپيش آهي. اها جنگ اسرائيل ۽ لبنان ٻنهي لاءِ تباهي جوڳي ثابت ٿي سگهي ٿي، پر سندس خيال هو ته اسرائيل ۽ لبنان وچ ۾ سفارتي حل اڃان به موجود آهي. هن چيو ته آمريڪا پنهنجي دعوى مطابق اسرائيل کي پنهنجي ۽ خودمختيار زمينن جي تحفظ ۾ مدد ڏيڻ جي پنهنجي عزم کي تبديل نه ڪندو. آمريڪا سموري وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوج ۽ اهلڪارن جي حفاظت لاءِ تيار آهي. لائيڊ آسٽن جو اهو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن آمريڪا عارضي جنگ بندي جي پنهنجي موقف جو ورجاءِ ڪيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چيو ته دنيا جا ملڪ خاص طور تي وڏا عرب ملڪ، جي سيون ۽ يورپي يونين سرحد تي اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ويڙهه روڪڻ چاهين ٿا. اسرائيل طرفان فرانس جي پيش ڪيل جنگ بندي جي تجويز کي رد ڪرڻ ۽ آمريڪا جي حمايت متعلق هڪ سوال جي جواب ۾ انتوني بلنڪن چيو ته سموري دنيا يورپ ۽ خطي جي سمورن وڏن ملڪن طرفان واضع طور تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته جنگ بندي جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو ان معاملي تي ڳالهين لاءِ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ نيويارڪ ۾ اسرائيل جي اختيارين سان ملاقات ڪندو. نيتن ياهو جي آفيس مان ٻڌايو ويو آهي ته هو اتر اسرائيل ۾ پوري قوت سان ويڙهه جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي، اهو موقف اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن اسرائيل جي پرڏيهي وزير جنگ بندي جي تجويزن کي رد ڪندي چيو آهي ته اتر وارن علائقن جي شهرين کي سندن گهرن ڏانهن محفوظ واپسي تائين حزب الله خلاف ويڙهه جاري رهندي.ٻئي طرف اسرائيل اعلان ڪيو آهي ته کيس موجوده جنگي ڪوششن جي حمايت لاءِ آمريڪا کان 8.7 بلين ڊالرن جو امدادي پيڪيج مليو آهي. ان پئڪيج ۾ جنگي ڪوششن بابت ضروري خريدارين لاءِ مخصوص ڪيل 3.5 ارب ڊالر ۽ فضائي دفاعي نظام لاءِ مختص 5.2 ارب ڊالر شامل آهن. انهن ۾ آئرن ڊوم اينٽي ميزائيل سسٽم ۽ هڪ جديد ليزر سسٽم پڻ شامل آهن.