ڪراچي-25 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ڊبليو ڊبليو ايف جي سهڪار سان پلاسٽڪ ريڪوري بئنڪ (پي آر بي) قائم ڪري ورتي آهي، سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو آهي ته سڄي دنيا ماحولياتي تباهيءَ جي وڏي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، پلاسٽڪ جي ڪچري کي منهن ڏيڻ ۽ نئين پلاسٽڪ جي پيداوار کي گهٽائڻ لاءِ ري سائيڪلنگ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ ۾ ڊبليو ايف ايف جي سهڪار سان قائم ڪيل پلاسٽڪ ريڪوري بئنڪ (پي آر بي) جو افتتاح سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائيءَ چيو ته عالمي ماحولياتي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ پلاسٽڪ رڪوري بينڪ جهڙا قدم تمام گهڻا ضروري آهن. هن چيو ته ماحولياتي مسئلن جهڙوڪ پلاسٽڪ جي ڪچري کي منهن ڏيڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ۽ نئين پلاسٽڪ جي پيداوار کي گهٽائڻ لاءِ ري سائيڪلنگ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته پي آر بي پلاسٽڪ ويسٽ جي خلاف اجتماعي جنگ ۾ هڪ اهم قدم اڳتي وڌائي ٿي ۽ مستقبل جي پائيدار منصوبن لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ٿي. ڊاڪٽر صحرائي چيو ته اڄ سڄي دنيا ماحولياتي تباهيءَ جي وڏي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، ان ڪري اسان سڀني کي گڏجي ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ماحوليات جي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر حنا شهناز چيو ته پي آر بي نه رڳو مالي انعام فراهم ڪري ٿي پر ماحولياتي بهتريءَ لاءِ هڪ بهتر ڪلچر کي به فروغ ڏئي ٿي. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ جي لاءِ ڊبليو ڊبليو ايف جهڙي اهم عالمي اداري سان وابستگي جا مقامي ۽ عالمي سطح تي اهم اثر پوڻ جي اميد آهي. معاهدي تحت يونيورسٽي ۾ گڏ ٿيندڙ پلاسٽڪ جي ڪچري کي هر پندرهين ڏينهن تي ري سائيڪلنگ ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان يونيورسٽي کي هڪ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته يونيورسٽي جي ذريعن مُوجب ڊبليو ڊبليو ايف سان ڪيل معاهدي تحت يونيورسٽي کي گدلاڻ کان فري ماحول فراهم ڪيو ويندو. جڏهن ته عالمي ماحولياتي رينڪنگ جي لسٽ ۾ يونيورسٽي کي شامل ڪيو ويندو ۽ ايندڙ منصوبن ۾ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي کي ترجيح ڏني ويندي. ان موقعي تي ڊبليو ڊبليو ايف جي نظيفه بٽ، اساما حسين، صاحب عالم خان، پاڪستان بيوريجز لميٽيڊ جي ڪو- سي اي او نصير سراج تيلي ۽ جنرل مئنيجر آغا محمد خان پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. تقريب جو اهتمام سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ ۽ سنڌ مدرسه يونيورسٽي جي انوائرنمينٽل سائنسز ڊپارٽمينٽ گڏيل سهڪار سان ڪيو هو.