بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ماٺي سمنڊ ۾ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. چين جي دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته راڪيٽ فورس 25 سيپٽمبر اربع تي 8 لڳي 44 منٽن تي بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جنهن تي هڪ ڊمي وار هيڊ نصب ڪيو ويو هو، جو تجربو ڪيو، ميزائيل ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل هدف کي نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو …
چين جو ماٺي سمنڊ ۾ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو

مزید خبریں
بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ماٺي سمنڊ ۾ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. چين جي دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته راڪيٽ فورس 25 سيپٽمبر اربع تي 8 لڳي 44 منٽن تي بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جنهن تي هڪ ڊمي وار هيڊ نصب ڪيو ويو هو، جو تجربو ڪيو، ميزائيل ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل هدف کي نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اها ٽيسٽ لانچ سالياني تربيتي منصوبي جو معمول جو حصو آهي. جڏهن ته اها ڪنهن ملڪ يا هدف خلاف ناهي. واضح رهي ته چين وٽ 500 آپريشنل وار هيڊ موجود آهن ۽ 2030ع تائين انهن جو انگ هڪ هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي.











