ڪراچي (23 سيپٽمبر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته برسات سبب متاثر علائقن ۾ بندن جي سروي جو حڪم ڏيندي ڪراچي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سان پاڪستان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي اڳواڻن وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ علائقي جي مسئلن ۽ تنظيمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي ميمبر عبدالقادر پٽيل ۽ ميمبر صوبائي اسيمبلي آصف خان سان مُلاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن وڏي وزير سان پنهنجي تڪ جي مسئلن ۽ ترقياتي ڪمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مُلاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير کين ٻڌايو ته ڪراچي ۾ روڊن جي تعمير لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويا آهن. جڏهن ته قومي اسيمبلي جي ميمبر پير آفتاب جيلاني سان مُلاقات ۾ برسات کانپوءِ بحالي جي صورتحال ۽ علائقي ۾ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چيو ته هن متاثر علائقن ۾ بندن جي سروي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي اسيمبلي ميمبر گيانچند اسراڻي وڏي وزير سان مُلاقات ڪري علائقي جي مسئلن کان علاوه اقليتن جي مسئلن بابت آگاهي ڏني، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو وڏي وزير سان ملاقات ڪري علائقي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو جنهن لاءِ وڏي وزير موقعي تي ئي مسئلن جي حل لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا. مراد علي شاهه سان پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي به ملاقات ڪئي. سنڌ ۾ تنظيمي سرگرمين ۽ سياسي حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.