سکر – 20 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سنڌ ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جي نوڪرين تي لڳل پابندي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سمُوريُون گهرجون پوريون ڪري 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو ايم اليڪشن کان اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ نوڪرين تي پابندي لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. اليڪشن گذرڻ باوجود سڄي سنڌ جي لاءِ نوڪرين تي پابندي لڳائي وئي هئي. سنڌ حڪومت 50 هزار کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو اميدوارن جا زباني امتحان به ٿي ويا هئا پر آرڊر جاري نه ٿي سگهيا هُئا، جنهن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ نوڪرين تي پابندي وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي سمُوريُون گهرجون پوريون ڪري 50 هزار نوڪريون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.