ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ شرڪت ڪري دل کي سڪون حاصل ٿيندو آهي. هن چيو ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي زندگي اسان لاءِ مشعل راهه آهي ۽ نظام مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۾ سمورن مسئلن جو حل موجود آهي. هن چيو ته ختم نبوت صلي الله عليه وآله وسلم اسان جي ايمان جو حصو آهي، ان جي حفاظت ڪنداسين، ان سلسلي ۾ جلد گورنر هائوس ۾ ختم نبوت صلي الله عليه وآله وسلم ڪانفرنس منعقد ڪنداسين. اهڙو اظهار هن ڪالهھ ربيع الاول جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ محفل عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ شرڪت دوران ڪيو .ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب محفل عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم ۾ مفتي مدني بشير، مشهور نعت خوان قاري وحيد ظفر قاسمي ۽ محمد خاور نقشبندي شرڪت ڪئي. محفل نعت ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.