ڪراچي-18 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي ايڪسائز کاتي گاڏين جي پريميئر نمبر پليٽس لاءِ آن لائن ٻولي ڏيڻ وارو عمل شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگريز ۾ نمبر پليٽس جي ھاڻي آن لائن ٻولي لڳائي ويندي، ٻولي لڳائڻ جو مقصد صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي تعمير لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ آھي. اهڙو اظهار هن ڪالهه کاتي جي اهم اجلاس جي صدارت بعد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. صوبائي وزير چيو ته پريمئم نمبر پليٽس جي لاءِ خاص پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي، پورٽل تي خواھشمند ماڻھو پلاٽينم، گولڊ ۽ سلور ڪيٽيگريز ۾ پريمئم نمبر پليٽس جي لاءِ واڪ ڏيندا، خواھشمند ماڻھن کي ھڪ مقرر مدي اندر آن لائن واڪ ذريعي پريميئم نمبر پليٽس حاصل ڪرڻ جو موقعو ملندو. ھن چيو ته 12 آڪٽوبر 2024 تي ڪراچي ۾ ھڪ وڏي فنڊ ريزنگ ايونٽ جي رٿابندي به ڪئي وئي آھي، فنڊ ريزنگ ايونٽ ۾ پريمئم ۽ پرسنلائزڊ نمبر پليٽس تي ٻولي لڳائي ويندي، پليٽس جي ٻولي مان حاصل ٿيندڙ رقم سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي لاءِ ھائوسنگ پروجيڪٽ جي لاءِ مختص ڪئي ويندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پريمئم نمبر پليٽس جي ٻيھر وڪري لاءِ به پورٽل متعارف ڪرايو پيو وڃي. اجلاس ۾ منشيات خلاف ڊيوٽي ۾ ڪوتاھي ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف سخت ڪارروائي جو به فيصلو ڪيو ويو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته معاشري کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ لاءِ منشيات خلاف ڪارواين ۾ وڌيڪ تيزي آندي وڃي، منشيات خلاف مستحڪم ڪاررواين لاءِ پوليس کان وڌيڪ فورس وٺي سگھجي ٿي، منشيات خلاف جنگ ۾ پنھنجن فرضن ۾ ڪوتاھي ڪندڙ آفيسرن ۽ ملازمن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ھن چيو ته منشيات خلاف پوليس فورس کان اضافي افرادي قوت وٺڻ سميت ٻيا وسيلا ڪتب آندا ويندا، ڪارروائين ۾ تيزي آڻڻ جو مقصد منشيات جي اسمگلنگ جي نيٽ ورڪس خلاف ھڪ مربوط ۽ جارحاڻي مھم ھلائڻ ۽ منشيات خلاف ڊگھي مدي واري ڪاميابي حاصل ڪرڻ آھي. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز، ٽيڪسيشن ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب اڪبر پنھور، ڊي جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول عثمان غني صديقي، رياض حسن کوسو ٻين ڊائريڪٽرز ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽرز شرڪت ڪئي.