حيدرآباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي کدڙن فقيرن سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميه پاران علاج جي سلسلي ۾ کدڙن فقيرن سان امتيازي سلوڪ اختيار ڪرڻ جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته سول اسپتال انتظاميا جي ناروا سلوڪ جو نوٽيس وٺي کدڙن جي علاج لاءِ الڳ ڪائونٽر قائم ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ حيدرآباد واسي کدڙن فقيرن عليشا ۽ پنڪي هيومن رائيٽس آف ڪميشن جي اڳواڻ غفرانا آرائين سان گڏ ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ کدڙن فقيرن سان جنس جي بنياد تي مت ڀيد وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي جنهن سبب علاج لاءِ ايندڙ کدڙن کي سخت مشڪلات کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هنن چيو ته کدڙا به هن ملڪ جا شھري آھن انهن جو به صحت سميت ٻين ادارن تي برابر جو حق آھي. هنن چيو ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ کدڙن کي حقارت جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي انهن جو علاج ڪرڻ بدران انهن کي اسپتال مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو پيو وڃي، جيڪو عمل ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نه آھي. جنهن خلاف اسان احتجاج جو حق محفوظ رکون ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال حيدرآباد ۾ کدڙن لاءِ الڳ ڪائونٽر مقرر ڪيو وڃي جتي با اخلاق ۽ انسان دوست عملو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن کين بهتر علاج جون سهولتون ملي سگهن.