ڪراچي- 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه خبردار ڪيو آهي ته عوام انتشار پکيڙڻ وارن کان هوشيار رهي. اوڀر ۽ اولهه سرحدن جا دشمن ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ چاهين ٿا، الله جي مدد سان دشمن جي انهن ڪوششن کي ناڪام بڻائينداسين. اها ڳالهه وڏي وزير سيد مراد علي خان ميمڻ مسجد وٽ جشن عيد ميلاد النبي صه جلوس ۾ شرڪت دوران سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري سان سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وڏي وزير چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته پاڪستان کي سياسي ۽ معاشي مشڪلاتن کان بچائي. اڄ اسان کي اهو عزم ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان کي اهو عظيم ملڪ بڻائينداسين جنهن جو خواب قائداعظم ڏٺو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو قربانيون ڏنيون هيون.ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، ضياءَ الحسن لنجار، ڄام خان شورو، سعيد غني، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، محمد علي ملڪاڻي، رياض حسين شيرازي ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا.