لاڙڪاڻو-13 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو شھر ۾ نڪرندڙ قديمي قافلا اهلبيت/ چپ تعزيه جلوس جي سلسلي ۾ انجمن چھارده معصومين عليه السلام لاھوري محلا ۾ سڄي رات مجلس عزا ۽ ماتمداري بعد صبح سوير چپ تعزيه قافلو برآمد ڪيو ويو جنھن ۾ لاڙڪاڻو سميت سڄي سنڌ مان عزادارن شرڪت ڪئي. جلوس مقرر رستن تان ٿيندو امام بارگاهه سيد جاڙل شاه بخاري، امام بارگاھ ولايت علي امير المومنين، جعفريه امام بارگاھ کان ٿيندو انجمن پنجتني کچي امام بارگاھ وٽ پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس سان گڏوگڏ رينجرز جي جوانن پنھنجا فرض بھتر نموني سرانجام ڏنا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڊي سي لاڙڪاڻو شرجيل نور چنا، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو، ايس پي ھيڊ ڪوارٽر لاڙڪاڻو، ڊي ايس پي حيدري پارس بکراڻي ھر ھر جلوس جي سيڪيورٽي جي نگراني ڪندا رھيا. ان سان گڏ لاڙڪاڻو پاڪ حيدري اسڪائوٽس سان گڏ لاڙڪاڻو شھر جي مختلف اسڪائوٽس گروپن پڻ پنھنجا فرض سر انجام ڏنا.
ٻئي پاسي لاڙڪاڻو پوليس طرفان چپ تعزيه جلوس جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي 1200 کان وڌيڪ مرد ۽ ليڊيز پوليس اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ عزادارن جي جامع تلاشي وٺي کين اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. جڏهن ته لاڙڪاڻو پوليس پاران جلوس جي گذرگاهن تي ڪنٽينر ۽ ٻيون وڏيون گاڏيون بيهاري جلوس جي رستن کي سيل ڪندي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هُئا.