راولپنڊي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي بهادر فرزندن جي قربانين کي رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي حفاظت، ترقي، امن ۽ خوشحالي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، پاڪستان امن جو خواهشمند آهي پر پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندو، دهشتگردي ۽ ان جي سهولتڪارن جي مڪمل خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين. هن اهڙن خيالن جو اظهار جنرل هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي خصوصي پروقار تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف، ڪابينا جي ميمبرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن، پارليامينٽ ميمبرن، شهيدن جي گهرڀاتين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي لمحو منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي ته آئون اڄ پاڪ فوج جي بهادر جوانن ۽ ملڪ تي جان قربان ڪندڙ شهيدن جي پونئيرن کي مخاطب آهيان، پاڪستان جي دفاع جو ڏهاڙو اسان جي قومي سڃاڻپ ۽ عظيم حوالو آهي، هي ڏينهن انهن سمورن شهيدن جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو جن پنهنجي ملڪ جي آزادي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا، انهن جانثارن کي جيترو به خراج عقيدت پيش ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. وزيراعظم چيو ته هي ڏينهن اسان جي ان قومي يڪجهتي جي ياد ڏياري ٿو جنهن سان سرشار ٿي عظيم قوم طاقت جي نشي ۾ مبتلا دشمن جا ڪڌا ارادا خاڪ ۾ ملائي ڇڏيا هئا. پاڪ فوج جا بهادري سپاهي بي مثال بهادري سان سمنڊ، فضا ۽ زمين تي نعره تڪبير بلند ڪندي اقبال جا شاهين بڻجي دشمن تي جهپٽيا ۽ لاهور جم خانه ۾ چانهه پيئڻ جو خواب ڏسندڙ دشمن هٿيار اڇلائي ان کان به وڌيڪ تيزي سان فرار ٿي ويا جنهن رفتار سان انهن پاڪستان جي سرحدن کي عبور ڪرڻ جي فاش غلطي ڪئي هئي. هن چيو ته ملٽري ميوزيم ۾ موجود دشمن جي شرمناڪ فرار جا ثبوت اسان جي ايندڙ نسلن کي فوج ۽ قوم جي بي مثال اتحاد، فتح جي ياد ڏياريندا رهندا، ان عظيم ۽ تاريخي فتح تي اسان جا ڪنڌ الله تعاليٰ آڏو ان جي شڪر ۽ احسان سان سدائين جهُڪيل رهندا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اڄ آئون عظيم مائرن کي سلام پيش ڪريان ٿو جن پنهنجا لخت جگر هن ملڪ تي نڇاور ڪيا، پنهنجي انهن عظيم مائرن جي ڳوڙهن جي قسم کائي چوان ٿو ته اسان انهن جي بهادر پٽن جون قربانيون هرگز، هرگز رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، آئون عظيم شهيدن جي عظيم والدين جي جذبه ايماني کي بيان ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن منهنجون اکيون ڳوڙهاريون ڪري ڇڏيون ۽ منهنجو ڪنڌ فخر سان بلند ڪيو. وزيراعظم چيو ته آئون شهيدن جي والدين سان مليس ته انهن جي دل ۾ اطمينان آهي، چپن تي دعا هئي ته ياالله تنهنجو شڪر آهي جو تو اسان کي شهيد جي والدين هجڻ جو اعزاز بخشيو، اسان جا سئو فرزند به وطن تي قربان، هي آهي اهو جذبو جيڪو پاڪستان کي عظيم تر ۽ فوج کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ٿو. وزيراعظم چيو ته آئون سلام پيش ڪريان ٿو قوم جي عظيم پٽن، ڀينرن ۽ ٻارن کي جن رت جي رشتن جي لازوال قرباني ڏني، انهن جا مڙس، ڀاءُ پاڪ زمين جي حرمت تي قربان ٿي ويا، آئون پنهنجي فوج جي هر پٽ ۽ ڌيءَ کي سلام پيش ڪريان ٿو جن جي وجود ۾ ملڪ جي محبت رت بڻجي ڊوڙي ٿي، جيڪي پنهنجي زندگي ملڪ جي حيات ۽ ان جي آزادي جي لاءِ مسڪرائيندي قربان ڪن ٿا، جنهن جو هر آفيسر ۽ جوان شهادت جي شوق جي جذبي سان سرشار آهي، هڪ ٻئي کان اڳتي وڌي بازي وٺڻ کي پنهنجو اعزاز سمجهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته پوري قوم کي توهان جي جذبن، صلاحيتن ۽ قربانين تي ناز آهي، توهان جي ورديءَ هر ڌيءَ، ڀينر، ماءُ جي مٿي جي چادر آهي، اها ان نظريي جي تاثير آهي جنهن جي لاءِ ننڍي کنڊ جي لکين مسلمانن حضرت قائداعظم جي عظيم قيادت ۾ تاريخي جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري هي عظيم ملڪ حاصل ڪيو، هي ورديءَ سبز هلالي جهنڊي جي ڦڙڪائڻ جي ضمانت آهي، جنهن ۾ ويڙهجي جڏهن شهيد دفن ٿئي ٿو ته اعلان ٿئي ٿو ته شهيد وڃن ٿا جنت ڏانهن گهر ناهن ايندا. وزيراعظم چيو ته اسان جي قومي جهنڊي ۾ سائو ۽ اڇو رنگ گڏجي پاڪستان ٺهي ٿو، اسان جي فوج ۾ اهي ٻئي رنگ موجود آهن، ملڪ جي دفاع جي لاءِ انهن ٻنهي رنگن سدائين هڪ ٻئي کان وڌي پنهنجي جانين جي قرباني ڏني. ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد ۽ سيسل چوڌري پاڪستاني جهنڊي جا اهي ٻئي رنگ آهن، ان لاءِ آئون وڏي فخر سان اهو چوان ٿو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، ان جي حفاظت، ترقي ۽ خوشحالي اسان سڀني جي گڏيل ۽ برابر ذميواري آهي، اسان سڀني جا شعبا جدا جدا ٿي سگهن ٿا پر اسان جو محاذ هڪ آهي، پاڪستان جي ترقي، سلامتي ۽ دفاع. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي جاگرافيائي بيهڪ ۾ آهي جتي ڪيترين ئي تهذيبن جو سنگم آهي جتي ڪيترين ئي طاقتن جا مفاد ٽڪرائين ٿا، ان ڪشمڪش جا سڌوسنئون اثر پاڪستان تي پون ٿا، ان لاءِ فتح نه ٿيڻ جوڳو دفاع اسان جي اولين قومي ضرورت آهي جنهن کانسواءِ نه ته امن ممڪن آهي نه ترقي ۽ خوشحالي. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي، اسان پنهنجي 77 سالا تاريخ ۾ پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي ڪنهن پاڙيسري خلاف جارحاڻا ارادا نه ٿو رکي. هن چيو ته پاڪستان جون سرحدون امن جون سرحدون آهن، دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي، خطي ۾ استحڪام جي لاءِ پاڪستان سدائين مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پنهنجي ائٽمي صلاحيت، اسپيس ٽيڪنالاجي ۽ اعليٰ عسڪري صلاحيتن جي ڏس ۾ پاڪستان عالمي امن جي فروغ ۾ هڪ لازمي ڪردار رکندڙ آهي، قومن کي خوشحالي جي منزل سدائين امن جي رستي سان ملي ٿي، امن اسان جي اولين خواهش آهي ۽ اسان پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان باوقار ۽ پرامن لاڳاپن جا خواهشمند آهيون پر اسان پنهنجي آزادي، عزت ۽ مفادن تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪنداسين. هن چيو ته اڄ جي شاندار ۽ پروقار تقريب جي حوالي سان ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان دشمن جي ناپاڪ ارادن کي بار بار شڪست ڏني آهي پر ان جا ڪڌا ارادا اڄ به پاڪستان جي وجود جي لاءِ خطرو آهن پر توهان الله جي فضل ۽ ڪرم سان يقين رکو ته اسان دهشتگردي جو ڪنڌ ڪچلڻ تائين سُک سان نه ويهنداسين جتي جتي خوارج ۽ انهن جا سهولتڪار موجود آهن انهن جي مڪمل خاتمي تائين پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا آپريشنز جاري رکندا، ان جي لاءِ قومي اتفاق راءِ الحمدالله موجود آهي، اسان ان مقصد ۾ جلد سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته اظهار راءِ جي آزادي جمهوري معاشري ۾ هر شهري جو بنيادي حق آهي، اسان کي ان جو پورو احترام آهي پر ان حق جو استعمال تحمل، دليل ۽ آئين جي حدن ۾ هجڻ لازمي آهي. 77 سالن جي تجربن جو اهو آزمايل سبق آهي ته گار يا گولي ڪنهن مقصد جو حل نه آهي، قومن جي ورڇ ملڪي سلامتي جي لاءِ خطرا پيدا ڪري ٿي. رياست کي ڪمزور ڪندڙ ڪا به تحريڪ قوم کي قبول نه آهي. هن چيو ته پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين ۾ بدترين نسل ڪشيءَ ۽ ڏوهن جو نشانو بڻجندڙ بيگناهن جي لاءِ پوري قوت سان دنيا ۽ عالمي ادارن کان انصاف جي گهرج ڪندو رهندو ۽ انسانيت جي پُڪار بڻجي عالمي ضمير کي جهنجهوڙيندو رهندو جيستائين ڪشميرين ۽ فلسطيني ڀائرن کي حق نه ٿو ملي وڃي. وزيراعظم چيو ته آئون پاڪستان جي لاءِ عظيم قربانيون ڏيندڙ سمورن شهيدن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ۽ قوم پاران سلام پيش ڪريان ٿو ۽ انهن جي گهرڀاتين جي صبر ۽ استقامت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، آئون زميني، سامونڊي، فضائي فوج، پيراملٽري، سول آرمڊ فورسز سميت پاڪستان جي عظمت ۽ تحفظ جي جنگ وڙهندڙ هر غازي هر سپاهي جو پوري قوم پاران ٿورو ادا ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اچو غازين ۽ شهيدن جي رستي تي هلڻ جو وچن ڪريون، اچو پنهنجي پنهنجي محاذ تي وطن جي دفاع جي جذبي سان سرشار ٿي اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪريون، پاڪستان جي خاطر پنهنجي ذاتي، سياسي خواهشن، مفادن کي قربان ڪريون، هر شعبي ۾ پاڪستان جي فتح، ڪاميابي ۽ ڪامراني جا جهنڊا هڻون. تقريب ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، پنجاب جي وزيراعليٰ، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن، سول ۽ عسڪري عملدارن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن ۽ شهيدن جي پونئيرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ منعقد دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ پهتو ته آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سندس استقبال ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري. هنن شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. تقريب ۾ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي شهيدن جي جرئت ۽ بهادري جي لازوال داستان جو خصوصي طور تي تذڪرو ڪيو ويو ۽ انهن جي گهرڀاتين، مائٽن ۽ دوستن جي عزم ۽ بلند حوصلي تي ٻڌل تاثر پڻ پيش ڪيا ويا.