ڪراچي-29 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستاني چانور ۽ کنڊ سڄي دنيا ۾ الگ اهميت رکن ٿا. زراعت ۾ جدت اختيار ڪرڻ سان ان جي پيداوار ۾ واڌ يقيني آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه گورنر هائوس ۾ لوس ڊريفس ڪمپني ايل ڊي سي جي عالمي مئنيجمينٽ ٽيم جي ٻه رڪني وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد ۾ ايشيا ريجن جو سربراهه جيمز زهو ۽ گلوبل اسٽريٽجڪ سربراهه مارائيس لوئس ڊريفس شامل هئا. ملاقات ۾ زرعي شعبي جي ڪارڪردگي، جديد زرعي اوزارن، روانگي واپار، آمدني واپار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر وڌيڪ چيو ته هو صوبي جي زرعي شعبي ۾ ڪمپني جي تعاون جو خواهشمند آهي. هن چيو ته عالمي زرعي شين جي واپار ۾ ڏهه سيڪڙو نمائندگي هن ڪمپني جي اعليٰ ڪارڪردگي جو مظهر آهي. گلوبل اسٽريٽجي جي سربراھ گورنر سنڌ کي ٻڌايو ته ڪمپني ۾ 18 هزار ملازم آهن ۽ 100 ملڪن ۾ شاخون آهن. وفد گورنر سنڌ کي يقين ڏياريو ته صوبي جي زرعي شعبي لاءِ ڀرپور تعاون جي لاءِ تيار آهيون.