اسلام آباد- 03 آڪٽوبر(اي پي پي) آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ جو 13هين ايڊيشن 5 آڪٽوبر کان ڀارت ۾ شروع ٿيندو، مردن جي ون ڊي ڪرڪيٽ فارميٽ جو عالمي ٽورنامنٽ هر چئن سالن بعد کيڏي ويندي آهي. 2023ع جي آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ ۾ سڄي دنيا جي ڪرڪيٽ جون 10 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي خلاف آمهون سامهون ٿينديون. جنهن جي شروعات سڀاڻي کان ٿيندو ۽ 19 نومبر تي پڄاڻي ٿيندي. ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 10 ٽيمن ۾ ميزبان ڀارت، عالمي چيمپئن انگلينڊ، پاڪستان، افغانستان، آسٽريليا، بنگلاديش، نيدر لينڊز، نيوزي لينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا شامل آهن. اهي ٽيمون 2023ع ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن جي عمل مان گزري فائنل ٿيون آهن. ٻه ڀيرا عالمي چيمپئن ويسٽ انڊيز پنهنجي تاريخ ۾ پهرين ڀيرو ميگا ايونٽ مان ٻاهر ٿي وئي آهي. انگلينڊ جي ٽيم ميگا ايونٽ ۾ ٽائٽل جو دفاع ڪندي.