لاهور-22 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر انضمام الحق ءِ سي سي مينز ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 23ع لاءِ 18 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي، بابر اعظم ڪپتان ۽ شاداب کي نائب ڪپتان طور برقرار رکيو ويو. پريس ڪانفرنس ڪندي هن ٻُڌايو ته ورلڊ ڪپ لاءِ قومي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر بابر اعظم (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، امام الحق، عبدالله شفيق، فخر زمان، محمد رضوان (وڪيٽ ڪيپر)، حارث رئوف، افتخار احمد، شاهين آفريدي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، حسن علي، سعود شڪيل، سلمان آغا، اسامه مير جڏهن ته محمد حارث، ابرار احمد ۽ زمان خان کي ريزرو رانديگرن طور رکيو ويو آهي. هن چيو ته حسن علي کي تجربن جي بنياد تي اسڪواڊ ۾ ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته وڏي ايونٽ ۾ تجربيڪار بالرن جي ضرورت آهي هوندي آهي جڏهن ته نسيم شاهه جو ٽيم ۾ نه هجڻ اسان لاءِ نقصان آهي، پر اميد آهي ته هو جلدئي ٽيم ۾ واپس اچي ويندو.