لنڊن-22 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلش پريميئر ليگ جي 32 هين سيزن جي انتهائي دلچسپ ۽ ڪانٽيدار مقابلن جو سلسلو انگلينڊ ۾ جاري آهي، اي پي ايل ۾ اڄ (ڇنڇر ڏينهن) وڌيڪ 4 ميچ کيڏيا ويندا، پهريون ميچ ڪرسٽل پيلس ۽ فلهم جي ٽيمن وچ ۾ سيلهر سيٽ پارڪ، لنڊن ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو ميچ لوٽن ٽائون ۽ وولور هيمپٽن جون ٽيمون ڪينيل ورٿ روڊ، لوٽن ۾ آسامهون سامهون ٿينديون، ٽيون ميچ دفاعي چيمپئن مانچسٽر سٽي ۽ ناٽنگهم فاريش وچ ۾ اتحاد اسٽيڊيم، مانچسٽر ۾ کيڏيو ويندو ۽ چوٿون ميچ برينٽ فورڊ ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ برينٽ فورڊ ۾ کيڏيو ويندو، هي مجموعي طور تي ٽاپ فلائٽ انگلش فٽ بال جو 125 هون ايڊيشن آهي جنهن جي شيڊول جو اعلان 15 جون 2023ع تي ڪيو ويندو هو، مانچسٽر سٽي جي ٽيم اي پي ايل ۾ پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندي.