لنڊن -12 سيپٽمبر (اي پي پي) انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ چئن ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٽين ميچ (اڄ) اربع تي اوول ڪرڪيٽ گرائونڊ لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چئن ون ڊي ميچن جي سيريز 1-1 تان برابر آهي. مهمان ڪيوي ٽيم پهرين ون ڊي ۾ ميزبان انگلينڊ ٽيم کي 8 وڪيٽن سان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ون ڊي ميچ ۾ ميزبان انگلينڊ ڪم بيڪ ڪندي ڪيوي ٽيم کي 79 رنسن سان شڪست ڏني هئي. ان کان پهرين ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز 2-2 تان برابر رهي هئي. اهڙي ريت ٻنهي ٽيمن وچ ۾ چوٿين ۽ آخري ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 15 سيپٽمبر تي لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي.