جوهانسبرگ_06 سيپٽمبر(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن و چ ۾ پنجن ون ڊي ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ (اڄ) خميس تي مانگاونگ اوول ، بلو مفونٽين ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي نائٽ هوندي ، ان کان اڳ آسٽريلوي ٽيم ٽن ٽي 20 ميچن تي مشتمل سيريز ۾ ميزبان پروٽيز کي وائٽ واش ڪيو هو، پنجن ون ڊي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ڊي نائٽ هوندي، ون ڊي سيريز ۾ پروٽيز ٽيم کي ٽيمبا بووما ۽ آسٽريلوي ٽيم کي مچل مارشل ليڊ ڪندو.