اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته رڳو پنجاب ۾ چونڊُون ڪرائڻ هڪ ڀيرو ٻيهر ونٽ يونٽ قائم ڪرڻ جي سازش آهي، هي ون مين شو چاهين ٿا، پي ٽي آءِ رياست جي خلاف هٿيار کنيا ۽ رياست کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو، جيستائين پي ٽي آءِ جلاءُ گهيراءُ تي معافي نه ٿي وٺي ان وقت تائين چيف جسٽس سميت ڪنهن جي چوڻ تي عمران خان سان ڳالهيون نه ڪنداسين، سپريم ڪورٽ جي ٽن جي مقابلي ۾ چار ججز جي فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، 63 اي جي جدا جدا تشريح سان ملڪ ۾ استحڪام ڪيئن ايندو؟ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪي واقعا ٿي رهيا آهن ۽ جهڙي طرح پاڪستان جو اميج خراب ڪيو ويو آهي اهو افسوسناڪ آهي، ريڊيو پاڪستان پشاور تي حملو ڪيو ويو، جي ايڇ ڪيو ۽ ڪور ڪمانڊر جي گهرن تي حملو ڪيو ويو، اهڙي طرح جا واقعا اسان پهريون ڀيرو ڏٺا آهن، جڏهن ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن لاهور ۾ پنهنجو پاڻ کي زندهه ساڙي ڇڏيو هو. جڏهن 86ع ۾ بينظير ڀٽو وطن واپس آئي ته جنرل ضياءَ جي حڪومت هئي، لاهور ۾ 30 لک ماڻهن ان جو استقبال ڪيو، ان استقبال جو مثال ڪير نه ٿو ڏئي سگهي، جيڪڏهن شهيد بي بي ان ڏينهن چوي ها ته ڀٽو جو قاتل ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن تي ظلم ۽ تشدد ڪندڙ اسلام آباد ۾ ويٺل آهي، ان ڏينهن جيڪڏهن هو انتقام جو چوي ها ته ان جو نتيجو ڇا ڪري ها؟ پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو، اسان ان وقت چئي سگهياسين پئي ته بي بي جو قاتل اسلام آباد ۾ ويٺل آهي ته ان جو ڪهڙو نتيجو نڪري ها؟ پر اسان ان وقت پاڪستان کپي ۽ جمهوريت بهترين انتقام آهي جو نعرو هنيو. هن چيو ته جڏهن عمران خان پاڻ وزيراعظم هو ته اهو مخالف ڌر اڳواڻن نواز شريف، آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي جيلن ۾ ڏسي خوش ٿيندو ۽ مزا وٺندو رهيو. اڳوڻو مخالف ڌر اڳواڻ جيڪو ڪينسر جو مريض به هو، هو ان کي ڏسي خوش ٿيندو هو. جڏهن اڳوڻي چيئرمين نيب ان جي ڳالهه نه مڃي رهيو هو ته هڪ عورت جي ذريعي ان جو اسڪينڊل سامهون آندو ويو، بعد ۾ ان عورت کي وزيراعظم هائوس ۾ بند ڪيو ويو، فريال ٽالپر کي چنڊ رات تي اسپتال مان گرفتار ڪري جيل ۾ وڌو، ڀارت 2019ع ۾ والاريل ڪشمير جي حيثيت کي تبديل ڪيو، ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عيد مظفرآباد ۾ ملهائي پر انهي چنڊ رات تي ايم ايس کي تبديل ڪيو ويو ۽ رات جي اونداهي ۾ اسپتال مان ڪڍي جيل ۾ وڌو ويو. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان تي برطانيا مان 190 ملين پائونڊ جي غبن جو الزام آهي، عمران خان چئي رهيو آهي ته اڳوڻي خاتون اول ٽرسٽي آهي ان جو ڪهڙو قصور آهي؟ شهباز شريف ۽ مريم نواز به ته ٽرسٽي ئي هئا. عمران خان کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪو غلط آهي پر اهو به ڏٺو وڃي ته شرجيل انعام ميمڻ کي عدالت جي اڱڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر کي سنڌ هائوس مان گرفتار ڪيو ويو. عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ هڪ دهشتگرد تنظيم بڻجي ردعمل ڏنو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ججز انصاف جو ساٿ ڏين، عمران خان کي جهڙي طرح جو خصوصي ريليف ڏنو ويو آهي ماضي ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، راڻا ثناءُ الله تي هيروئن جو ڪيس ٺاهيو ويو، عدالت کي ان کي به ريليف ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ گهرجي ها. پي ٽي آءِ رياست جي خلاف هٿيار کنيا ۽ رياست کي ان جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته عدالت کي ”توهان کي ڏسي سٺو لڳو“ چوڻ بدران دهشتگردي جي مذمت ڪرڻ گهرجي ها، عدالت کي پڇڻ گهرجي ها ته اها هڪ سياسي يا دهشتگرد پارٽي آهي، پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن هر اداري تي حملو ڪيو آهي ان کي هڪ شدت پسند پارٽي طور ڏسڻ گهرجي، انهي پارٽي ان کان اڳ 2014ع ۾ پارليامينٽ تي حملو ڪيو، جڏهن انهن جي حڪومت آئي ته سليڪيٽيڊ راڄ قائم ڪيو، عمران خان ۽ فيض حميد جي خلاف عدليه کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي ها. 4 سالن ۾ ميڊيا تي پابندي هئي، صوبن جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو ان تي به پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته بي اعتمادي رٿ دوران آئين کي ٽوڙيو ويو، ناڻي واري اڳوڻي وزير پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي ناڻي وارن وزيرن سان گڏجي آءِ ايم ايف سان معاهدي جي حوالي سان رياست جي خلاف سازش ڪئي، چور دروازي کان سهولتڪارن جي مدد سان پنجاب حڪومت چوري ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان چونڊن ۾ انهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر رڳو پنجاب ۾ اليڪشن ڪرائڻ سازش آهي، اهو هڪ ڀيرو ٻيهر ونٽ يونٽ جو قيام آهي، اهو ون مين شو چاهين ٿا، اسان جنرل ضياءَ، جنرل مشرف ۽ سليڪيٽيڊ جي چار سالا حڪومت ۾ سازشن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ نئين سازشن جو پڻ مقابلو ڪنداسين، اسان پارليامينٽ بچائينداسين ۽ فتني جو مقابلو ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت ملڪ کي معاشي ۽ ٻيا چئلينجز درپيش آهن، عوام پنهنجي مسئلن جو حل چاهي ٿي، پي ٽي آءِ جي لاءِ آخري موقعو آهي ته جيڪڏهن اها هڪ سياسي پارٽي طور رهڻ چاهي ٿي ته ان کي دهشتگردي جي مذمت ڪرڻي پوندي، جيستائين پي ٽي آءِ جلاءُ گهيراءُ تي معافي نه ٿي وٺي ان وقت تائين چيف جسٽس سميت ڪنهن جي چوڻ تي عمران خان سان ڳالهيون نه ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٽن جي مقابلي ۾ چار ججز جي فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، آئين جو مطلب ڪنهن جج جي مرضي نه آهي، رڳو جج جي مرضي هوندي ته قانون جي حڪمران نه ايندي، 63 اي جي جدا جدا تشريح سان ملڪ ۾ استحڪام ڪيئن ايندو؟ عمران خان کي اهڙي ڏوهه ۾ به ضمانت ملي آهي جيڪو اڃان ٿيو به نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀٽو ۽ پيپلزپارٽي کي ڪڏهن انصاف نه مليو پر لاڏلي کي ڇوٽ ملي رهي آهي، اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻ جا منتظر آهيون، پيپلزپارٽي شهيد بي بي جي قتل تي پرويز مشرف کي نامزد ڪيو هو پر ڪنهن جج ان کي طلب نه ڪيو. پوليس آفيسرن ڪنهن جي چوڻ تي واقعي وارو هنڌ ڌوتو هو، قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. رياست جمهوريت ۽ نظام کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي، عدليه کي التوا هيٺ ڪيسن کي اڪلائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، سياست ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، عمران خان کي عدليه کان مسلسل ريليف ملي رهيو آهي، اسان جو نظريو آهي ته پاڪستان کپي، موجوده سياسي بحران مان نڪرڻ جي لاءِ تعاون تي تيار آهيون.