اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قوم کي خطاب ۾ دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث عنصرن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي، ڪنهن کي ملڪ جي خلاف سازش ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ نه ئي اهڙن عنصرن جي ڪڌي ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ ڏينداسين، عمران نيازي جي گرفتاري 60 ارب رپين جي ڪرپشن جي ڪيس ۾ نيب ڪئي آهي، قانون کي منهن ڏيڻ بدران عمران خان ۽ پي ٽي آءِ حساس سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائي ملڪ دشمني جو ناقابل معافي ڏوهه ڪيو آهي، عوام پي ٽي آءِ جي رويي کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڪم دشمن 75 سالن ۾ نه ڪري سگهيو اهو هنن ملڪ دشمنن ڪري ڏيکاريو آهي، پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، دشمنن جي ناپاڪ ايجنڊا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، عمران نيازي جي دور ۾ رڳو الزام لڳڻ تي اڳواڻ گرفتار ٿي ويندا هئا. قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ حڪومتي وزير اڳ ۾ ئي اعلان ڪري ڇڏيندا هئا ته سڀاڻي ڪير گرفتار ٿيندو، مخالف ڌر جا سمورا اڳواڻ جيلن ۾ وڌا ويا، ظالماڻي نيب قانونن کي بدلائڻ جي لاءِ اسان ترميم کڻي آياسين، اڄ انهن ترميمن سان سڀ کان پهريون فائدو کڻندڙ شخص جو نالو عمران نيازي آهي. اسان نيب جي ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ اسان تي ٺاهيل ڪيسن مان هڪ به ثابت نه ٿيو، برطانوي نيشنل ڪرائيم ايجنسي اسان کي ڪلين چٽ ڏني، ان سان پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جي عزت ۾ اضافو ٿيو، اسان شديد خدشن ۽ اعتراضن جي باوجود سدائين قانون ۽ عدالتن کي منهن ڏنو، 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف بيگناهه ڌيءَ سان گڏ بهادري سان 100 کان وڌيڪ ڀيرا نيب عدالت ۾ پيشي ڀوڳڻ جي لاءِ ايندو رهيو، بستري تي آخري پساهه کڻندڙ منهنجي ڀيڻ ڪلثوم نواز کي ڇڏي ۽ ڌيءَ جو هٿ پڪڙي نواز شريف جيل هليو ويو. بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت جي افسوسناڪ واقعي کانپوءِ به پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت صبر تحمل ۽ بي مثال حب الوطني جو مظاهرو ڪيو جنهن کي تاريخ سدائين سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو هڻي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ۽ واضح پيغام ڏنو ته قانون ۽ جمهوريت جي ذريعي اڳتي وڌندي پاڪستان کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي گرفتاري ڪرپشن جي ڪيس ۾ ڪئي وئي آهي، القادر ٽرسٽ ۾ ان جي ڪرپشن جا ثبوت موجود آهن، نيب ان ڪيس جي انڪوائري ڪري رهيو آهي، اهو 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو معاملو آهي، ڇا اسلام، قانون، جمهوريت ۽ عدالت کي منهن ڏيڻ کان انڪار جي اجازت ڏي ٿو؟ بطور سياسي ڪارڪن عمران جي گرفتاري اسان جي لاءِ خوشي جي ڳالهه نه آهي، زندگي جي انهن تلخ تجربن مان اسان ڪيترائي ڀيرا گذري چڪا آهيون پر عمران نيازي ۽ پي ٽي آءِ قانوني طرزعمل اختيار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي حساس سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائي ملڪ دشمني جو ناقابل معافي ڏوهه ڪيو. اهڙا منظر تاريخ ۾ ڪڏهن ڏسڻ لاءِ نه مليا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سياست ۾ انتقامي ڪاررواين جو ڪڏهن به سٺو انجام ناهي ٿيندو، پي ٽي آءِ جي حڪومت جو دور پاڪستان جي تاريخ جو بدترين دور هو، عمران نيازي جي دور ۾ ملڪي ترقي جو عمل بري طرح متاثر ٿيو، حڪومتي وزير مخالف ڌر جي گرفتاري کان هڪ ڏينهن اڳ ٻڌائي ڇڏيندا هئا ته هاڻي ڪير گرفتار ٿيندو ۽ ان انڌي سياسي انتقام جي باهه سان ملڪ ۽ قوم جي ترقي متاثر ٿي. وزيراعظم چيو ته قومي اسيمبلي جي پهرين ٻن قطارن ۾ ويٺل اسان جي اڳواڻن کي پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ گرفتار ڪيو ويو، رڳو الزام لڳڻ سان ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو هو. هن چيو ته اسان جي مٿان چور ۽ ڌاڙيلن جا الزام هنيا ويا، اسان ظالماڻي نيب قانون ۾ ترميم ڪرائي ۽ ريمانڊ جو مدو 90 ڏينهن کان گهٽ ڪري 15 ڏينهن ڪيو ۽ اتفاق راءِ سان نيب قانون جي حوالي سان قومي سوچ اختيار ڪئي ۽ انهي قانون کي عدالت فيصلي ۾ ميرٽ قرار ڏنو. اسان جا ته ڪيترائي اڳواڻ اڄ به نيب ۾ پيشيون ڀوڳي رهيا آهن پر نيب ترميم جو سڀ کان وڌيڪ فائدو عمران نيازي کي ٿيو. عمران جي دور ۾ بنا الزام جي گرفتاري ٿي ويندي هئي ۽ ڪير نوٽيس به نه وٺندو هو. هن چيو ته عمران نيازي جي دور ۾ اربين رپين جي معاملي کي بند لفافي وسيلي ڪابينا ۾ منظور ڪرايو ويو. وزيراعظم چيو ته عوام پي ٽي آءِ جي ردعمل کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ قانون جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته عمران نيازي شهيدن جي خلاف ناپاڪ مهم هلائي. هن چيو ته اڳواڻن جو فرض آهي ته ڪارڪنن کي قانون جي لڪير پار ڪرڻ نه ڏين. هن چيو ته سياسي پارٽين ماضي جي تلخ حقيقتن مان سبق سکيو ۽ پوءِ اتفاق راءِ سان ميثاق جمهوريت جي شڪل ۾ هڪ نئون دستاويز لکيو. اپريل 2022ع ۾ جڏهن حڪومت جي ذميواري سنڀالي ته انتقامي ڪاررواين جو طرزعمل اختيار نه ڪيو، جيڪو عمران نيازي پنهنجي حڪومت ۾ برقرار رکيو ۽ ڪيس نه پر فيس ڏسندو هو. هن چيو ته راڻا ثناءُ الله تي 15 ڪلو هيروئن وڌي وئي، رڳو سياسي مخالفن ئي نه پر ڌيئرن، ڀينرن، ٻارن ۽ مائٽن کي به معاف نه ڪيو ويو. هن چيو ته انهن ڪاررواين جي ڪري ئي نيب جي ظالماڻي قانون ۾ ترميم جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي اسان کي اين آر او گهرڻ جا طعنيٰ ڏنا ويا. وزيراعظم چيو ته اسان تي جيڪي الزام هنيا ويا انهن مان هڪ به سچ ثابت ناهي ٿيو، برطانيا کان جاچ ڪرائي وئي، 40 سالن جو رڪارڊ اٿلايو ويو. هن چيو ته اسان ڪڏهن به عدالت، قانون کي منهن ڏيڻ کان انڪار ناهي ڪيو پر اعتراض هجڻ جي باوجود عدالتن ۾ پيش ٿيندا رهياسين. هن چيو ته عمران نيازي حساس ملڪيتن کي نقصان پهچائي ملڪ دشمني جو ثبوت آهي ۽ ماڻهن جي زندگين کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ماڻهن کي گاڏين مان ڪڍي باهه ڏني وئي، پاڪ فوج جي خلاف ڪجهه سئو هٿياربند جٿن کي اتساهيو ويو. هن چيو ته 75 سالن ۾ جيڪو ڪم دشمن نه ڪري سگهيو اهو انهن ملڪ دشمنن ڪري ڏيکاريو. هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قانوني قرار ڏنو آهي، عوام پي ٽي آءِ جي رويي کي مڪمل رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته آئون پاڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ دشمنن کي خبردار ڪريان ٿو ته سڌري وڃن نه ته انهن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ کين قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي، پاڪستان اسان کي پنهنجي جان کان به وڌيڪ پيارو آهي، دشمنن جي ناپاڪ ايجنڊا کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.