اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوه سپر ڪنگ هو ته عمران خان سپر ڪرپٽ آهي، عمران خان جعلي ڪيس، ڌمڪي، ڌوئنس ۽ دٻاءُ سان سلطاني شاهد بڻائڻ، سليڪٽيڊ ججز کان مرضي جا فيصلا ورتا، عمران خان هر عدالت کان ڇوٽ گهري رهيو آهي ڇو ته دامن صاف نه آهي، نواز شريف، شهباز شريف سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت هر ڏينهن سرخرو ٿئي ٿي ۽ عمران خان بي نقاب ٿئي ٿو، سپريم ڪورٽ کي سوموٽو وٺي عمران خان کي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ گهرجي، اڄ عدالت عمران خان کي گهرائي ۽ پڇي ته وزيراعظم هوندي ته ڇو ملڪ جي پرڏيهي پاليسي سان خطرناڪ راند کيڏي، عمران خان جو عالمي يا آمريڪي سازش نه هجڻ جو اعتراف ثبوت آهي ته هو آرٽيڪل 6 جو ڏوهاري آهي، آشيانه ڪيس ۾ واحد ثبوت سُلطاني شاهد اسرار عدالت ۾ شهباز شريف جي بيگناهي جي گواهي ڏني ته ان کان زبردستي بيان ورتو ويو هو، اها گواهي عمران خان جي سياسي انتقام جي منهن تي چماٽ آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آشيانه ڪيس ۾ شهباز شريف جي خلاف ايل ڊي اي جي چيف انجنيئر اسرار سعيد کي سلطاني شاهد بڻايو ويو هو، اڄ اسرار سعيد حلفي بيان عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي جنهن ۾ واضح طور تي چيو ويو ته آشيانه ڪيس ۾ دٻاءُ ۽ ڌوئنس ڌمڪين ذريعي کيس سلطاني شاهد بڻايو ويو هو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ شهباز شريف جي خلاف بي بنياد ڪيسز ٺاهيا، هن پنهنجي سهولتڪار شهزاد اڪبر ۽ ان جي ٽيم کي شهباز شريف ۽ سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهڻ جي لاءِ غيرآئيني طريقي سان رکيو هو. شهزاد اڪبر جو سواءِ پريس ڪانفرنسز جي ڪو ڪم نه هو، هو ڪڏهن گراف ٺاهيندو، ڪڏهن ايرو رائٽ ڪندي ۽ ڪڏي ليفٽ ۽ مني لانڊرنگ جو الزام هڻندي، هن ڪوڙن ڪيسز جي جواز جي لاءِ ڪوڙا گواهه پڻ ٺاهيا. هن چيو ته شهباز شريف کي 5 آڪٽوبر 2018ع تي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو ۽ آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان تي مني لانڊرنگ جو ڪيس به وڌو ويو ته جيئن آشيانه ڪيس ۾ بيل ٿيڻ تي کيس مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو ته ايل ڊي اي جي چيف انجنيئر اسرار سعيد جي واحد گوهي هئي جيڪا هن شهباز شريف جي خلاف دٻاءُ ۽ ڌوئنس ڌمڪين سان حاصل ڪئي، ان کانسواءِ ان وٽ ڪو ثبوت نه هو، هن ڊيوڊ روز کي گهرائي ڪوڙيون ڪهاڻيون ٺهرايون. نيشنل ڪرائم ايجنسي ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب جو سمورو رڪارڊ موڪليو ويو پر ڪجهه سامهون نه آيو. هن چيو ته عمران خان ڊي جي ايف آءِ اي کي گهرائي سياسي مخالفن جي خلاف ڪيسز ٺاهيا وڃن جڏهن هن انڪار ڪيو ته ان کي عهدي تان هٽايو ويو. جڏهن اسرار سعيد سپريم ڪورٽ ۾ بيان ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ان ڪيس ۾ شهزاد اڪبر، عمران خان ۽ ڊي جي نيب جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف، شهباز شريف سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت پنهنجي خلاف سمورن ڪيسز کي منهن ڏنو ۽ اڄ اهي سرخرو ٿيا. هن چيو ته ڪنهن ٽنگ تي پلستر ٻڌي گهرن ۾ پناهه نه ورتي، مريم نواز کي ان جي والد جي سامهون هٿڪڙيون هنيون ويون، اسان ته نه چيو ته اسان کي ڇوٽ ڏني وڃي، هر شخص پنهنجو جواب ڏنو. هن چيو ته عمران خان جي خلاف ڪيسن ۾ ڪارروائي ڇو نه ٿي ٿئي؟ ڇو ان کي ڇوٽ ملي ٿي، اهو فرق ڇو آهي؟ هر عدالت کان هن ڇوٽ گهري رکي آهي ته منهنجي ٽنگ تي پلستر آهي ان لاءِ مون کي ڇوٽ ڏني وڃي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جي اصليت روزانو عوام آڏو بي نقاب ٿي رهي آهي. هن شهباز شريف جي خلاف ڪيترائي ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا، اسان پنهنجي ڪيسز تي عدالتن ۾ وڃي جواب ڏنو، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرائي آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته عمران خان بلين ٽري سونامي، توشه خانه ڪيس ۾ پڪڙيو وڃي ۽ چوي ٿو ته آئون جواب نه ڏيندس، عمران خان پنهنجي مٿان ڪنهن ڪيس ۾ جواب نه ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف هر طاقت استعمال ڪئي ۽ اڄ هو ٽي وي تي ويهي تماشو لڳائي ٿو، هو جنهن کي تاحيات ايڪسٽينشن ڏئي رهيو هو اڄ ان جي خلاف بيان ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان چوندو هو ته جنرل باجوه جهڙو سپهه سالار پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن نه آيو، هو معيشت، فارن پاليسي ۾ منهنجي مدد ڪري رهيو هو. اڄ عمران خان چوي ٿو ته سمورين شين جو ذميوار جنرل باجوه هو، عمران خان هاڻي اقرار ڪري رهيو آهي ته ڪا آمريڪي سازش نه ٿي هئي، عمران خان هاڻي چوي ٿو ته جنرل باجوه ن جي خلاف سازش ڪري رهيو هو، عمران خان انهن ماڻهن جي توهين ڪري رهيو آهي جيڪي ان جي ڳالهين کي سچ سمجهن ٿا، هي انهن ماڻهن جي لاءِ فڪر جو لمحو آهي، عمران خان ڪهاڻيون ٺاهي ٿو، اڄ اسان نه عمران خان پاڻ چئي رهيو آهي ته ڪنهن به قسم جي ڪا ٻاهرئين سازش نه ٿي، جيڪڏهن عمران خان کي خبر هئي ته جنرل باجوه ان جي حڪومت ڪيرائي رهيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ واري رات ان کي تاحيات توسيع ڏيڻ جي آفر ڇو ڪئي؟ جيڪڏهن ان کي خبر هئي ته سڀ ڪم باجوه صاحب ڪري رهيو آهي ۽ الزام توهان تي لڳي رهيا آهن ته توهان وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويهي ڪنهن جي نوڪري ڪري رهيا هئا؟ اڄ توهان جو خالي بيان ڏئي ڇڏڻ ڪافي نه آهي، توهان تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي، جنهن وقت توهان آمريڪي سازش ۽ سائفر جو الزام هنيو ان وقت توهان وزيراعظم هئا، توهان پنهنجي وزيرن کي پارليامينٽ ۾ بيهاري چيو ته بي اعتمادي رٿ منسوخ ڪئي وڃي ٿي ڇو ته اها آمريڪي سازش آهي، توهان اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ صدر پاڪستان کان آئين شڪني ڪرائي، توهان پاڪستان جي سلامتي سان خطرناڪ راند کيڏي، توهان ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو آهي ته توهان انهن ماڻهن کان ڪوڙو بيان ڏياريو. هن چيو ته اڄ شهباز شريف جي خلاف واعده معاف گواهه عدالت ۾ بيهي چوي ٿو ته مون وٽ ڪو ثبوت نه آهي، قومي خزاني کي ڪنهن قسم جو ڪو نقصان نه پهتو، شهباز شريف ان وقت عالمي ڪانفرنس گهرائي ته عوامي مفاد ڏٺو وڃي. هن چيو ته عمران خان کي جڏهن خبر پئجي وئي ته ان جو بيانيو ناڪاره ٿي چڪو آهي، هن جيڪي سلطاني شاهد ٺاهيا اهي گواهي ڏئي رهيا آهن ته ڪنهن قسم جي ڪا ڪرپشن نه ٿي، عمران خان پنهنجي دور ۾ پاڻ سياسي مخالفن کي گرفتار ڪرايو ۽ هاڻي چوي ٿو ته منهنجي خلاف سياسي انتقام ٿي رهيو آهي، هي ڪهڙو سياسي انتقام آهي ته عمران خان زمان پارڪ ۾ آزاد ويٺل آهي. هن چيو ته عمران خان هڪ ڏينهن الزام هڻي ٿو ۽ اڳئين ڏينهن انهن ئي ماڻهن کان معافي گهري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ان وقت ترقي ڪندو جڏهن عمران خان جهڙن ٻهروپين کان ڇوٽڪارو ملندو، عمران خان جهڙي تماشو لڳائڻ واري تي هاڻي ڪير يقين نه ٿو ڪري، عمران خان ڪوڙ ڳالهائي پاڪستان جي معيشت جا بنياد لوڏي ڇڏيا، جيڪو ملڪ 6.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهيو هو عمران خان جي دور ۾ منفي 1 سيڪڙو تي ويو، عمران خان پنهنجي دور ۾ احتساب کي مذاق بڻايو، هن حسد ۽ بغض ۾ پنهنجي سياسي مخالفن جي خلاف ڪوڙا ڪيسز ٺاهيا ته جيئن اهي جيلن ۾ رهن ۽ ڪير ان جي خلاف آواز اٿاري نه سگهي. هن چيو ته عمران خان جي ڪرتوتن جي ڪري پاڪستان جي عوام جو نقصان ٿيو، هن معيشت تباهه ڪئي، نوجوانن کي روزگار کان محروم ڪيو، ملڪ کي مهانگائي جي طوفان ۾ ڌڪيو ۽ هاڻي ٻه جهنڊا لڳائي ٽي وي تي ويهي ڪيئن نڪ جي ڏاڍائي سان ڳالهيون ڪري ٿو، اهي ماڻهو جيڪي ان جي ڳالهين تي يقين ڪن ٿا، اها انهن جي توهين آهي ته عمران خان انهن کي ذهني معذور سمجهي ٿو. هن چيو ته عمران خان سمجهندو هو ته هو جعلي ڪيس ٺاهي زبردستي جا گواهه آڻي تاحيات بيانيو ٺاهي وٺندو پر اهي پنهنجي چار سالن ۾ هڪ به ثبوت فراهم نه ڪري سگهيا. هن چيو ته عمران خان ٻين کي چور چوي ٿو، جيڪڏهن چور هئا ته ثابت ڇو نه ڪيو؟ هن چيو ته عمران خان پاڻ چور آهي ڇو ته ان وٽ جواب نه آهي، عمران خان پاڻ عدالت نه ٿو وڃي ۽ عدالت کان ڇوٽ گهري ٿو، پاڻ پلستر جو بهانو بڻائي نوجوانن کي چوي ٿو ته جيلون ڀريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پاڻ آءِ ايم ايف جي سخت شرطن تي صحيحون ڪيون، ملڪي معيشت کي وڪرو ڪيو، قانونسازي ڪرائي ۽ وري پنهنجي دور جي ناڻي وزير کي چيو ته آءِ ايم ايف کي خط لکي فنڊ جاري ڪرڻ کان منع ڪري. هن چيو ته عمران خان پاڪستان جي نوجوانن کان روزگار کسيو، ماڻهن جُون چلهُون اُجهائي ڇڏيُون، قوم کي ترقي کان محروم ڪيو ۽ هاڻي پنهنجي ڪوڙ ۽ منافقت جو دُهل وڄائي رهيو آهي. هن چيو ته ٽي وي تي ويهي بيان ڏيڻ سان هاڻي ڳالهه ختم نه ٿيندي، توکي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻو پوندو، اڄ سپريم ڪورٽ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڪيو هو ته آئين شڪني ٿي آهي بي اعتمادي رٿ ۽ سائفر جي معاملي تي عمران خان کي ڇو نه ٿو گهرايو وڃي، پاڪستان جو ان کان وڏو اشو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ملڪ جو وزيراعظم ملڪ جي خلاف سازش جي ڳالهه ڪري اسيمبليون ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته عمران خان آئيني عهدن تان آئين شڪني ڪرائي، اهي آرام سان فرار حاصل نه ٿا ڪري سگهن، ڀلي توهان زمان پارڪ ۾ ويهو يا ٻي ٽنگ تي پلستر چاڙهي ڇڏيو، توهان کي جواب ڏيڻو پوندو. پاڪستان جي عوام جو مطالبو آهي ته عمران خان کي جواب جي لاءِ ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته عمران خان پنهنجي سهولتڪارن جو رنگ ماسٽر هو، پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري هن اهي سڀ ڪم ڪيا، عمران خان کي ئي جواب ڏيڻو پوندو. هڪ سوال تي هن چيو ته سڀ کان مٿاهين عهدي تي ويٺل هر شخص جي ذميواري آهي ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته انصاف ٿيندو نظر اچي، جڏهن اداري جو سربراهه پنهنجي آئيني ذميواري پوري نه ٿو ڪري ته پوءِ ادارو ڪمزور ٿئي ٿو.