اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي)بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 2,133,248 ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ 53 ارب رپين کان وڌيڪ ورهائجي چڪي آهي. بي آءِ ايس پي تحت بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ گلگت بلتستان جي ٻوڏ متاثر ڪٽنبن ۾ 25 هزار رپيا في خاندان ورهايا پيا وڃن. ابتدائي طور فلڊ رليف ڪيش اسسٽنس پروگرام تحت 28 ارب رپين جي رقم مختص ڪئي وئي هئي. بعد ۾ ان رقم کي وڌائي 70 ارب رپيا ڪئي وئي ۽ نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري ذريعي وڌيڪ متاثرن خاندانن جي سُڃاڻپ ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ فلڊ رليف ڪيش اسسٽينس تحت هاڻ تائين مجموعي طور 2,133,248 ڪٽنبن ۾ 53,331,200,000 رپيا ورهائجي چڪا آهن. بلوچستان ۾ 162537 خاندانن ۾ 4,063,425,000 سنڌ ۾ 1499019 ڪٽنبن ۾ 37,475,475,000 رپيا ورهائجي چڪا آهن. ڪي پي ڪي ۾ 229133 ڪٽنبن ۾ 5,728,325,000 پنجاب ۾ 242205 ڪٽنبن ۾ 6,055,125,000، جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ 354 ڪٽنبن ۾ 8850000 رپيا ملي چڪا آهن. مجموعي طور تي اڄ 111558 ٻوڏ متاثر علائقن ۾ قائم مختلف ڪيمپن مان روڪ رقم حاصل ڪري چڪا آهن.