ڪراچي-28 سيپٽمبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ چيئرپرسن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شازيه عطا مري چيوآهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻوڏ متاثرن ۾ في ڪٽنب 25، 25 هزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو جنهن جي ذميواري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي سونپي وئي هئي ۽ بينظيرانڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي بينظير ايمرجنسي ڪيش تحت هن وقت تائين 20 لک ٻوڏ متاثر ۾ 25 هزار روپيا في خاندان ورهايا ويا آهن جڏهن ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ٻوڏ متاثرن ۾ 50 ارب رپين کان وڌيڪ امدادي رقم ورهائي وئي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا به جاري آهي. اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ھڪ جاري ڪيل ويڊيو بيان ۾ ڪيو آهي. وفاقي وزير شازيه مري چيو ته پاڪستان هن وقت ٻوڏ سبب انتهائي سنگين صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽اسان جي ڪوشش آهي ته 25 هزار رپين جي رقم باقي رهجي ويلن ٻوڏ متاثرين تائين پهچايون ۽امدادي رقم مان غير قانوني ڪٽوتي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي آھي ۽ ملوث ڏوهاري عنصرن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ـ شازيه مري وڌيڪ چيو ته امدادي رقم شفاف طريقي سان ٻوڏ متاثرن تائين پهچائي پئي وڃي ۽ بدعنوان عناصر سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي ۽ چيو ته مون پاڻ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قائم ڪيل ڪئمپن جو دورو ڪري سڄي عمل جي نگراني ڪري رهي آھيان ـ ھن چيو ته جتي به ثبوتن ساڻ شڪايتون مليون آهن اتي فوري ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو سمورو اسٽاف ۽ ٽيمون ميدان ۾ موجودآهن جڏهن ته مشڪلاتن ۽ مواصلاتي نظام جي خرابي باوجود بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جون ٽيمون ٻيڙين ذريعي متاثرن ۾ امدادي رقم ورهائي رهيون آهن. ھن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعلان موجب هر ٻوڏ متاثر خاندان کي 25 هزار رپيا شفاف طريقي سان ڏنا ويندا.