اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان اڳوڻي حڪومت جي بدترين غفلت ۽ غيرذميواري جو بار کنيو ۽ ملڪ کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو، پي ٽي آءِ جي حڪومت عالمي معاهدا ڪري انهن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، جنهن سان رياست پاڪستان تي عالمي برادري جو اعتماد مجروح ٿيو، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو پر بجيٽ ۾ سبسڊي جي لاءِ رقم مخصوص نه ڪئي، جنهن جي ڪري عوام تي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ۽ مهانگائي جو بار پيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي ڪابينا جي اجلاس ۾ آجيان ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي ۽ پنهنجي ڪابينا پاران کيس ناڻي واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڪاميابي جي لاءِ دعاگو آهيون. هو منجهيل سياستدان آهي ۽ ماضي ۾ به پنهنجي تجربن، مهارت، محنت ۽ ايمانداري جي ڪري بهترين خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪيو ته مخلوط حڪومت کي سندس ناڻي واري وزير طور تي شموليت سان سگهه ملندي. وزيراعظم اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن تمام گهڻي محنت سان ڏينهن رات ڪم ڪري پاڪستان کي ڪنگال ٿيڻ کان بچايو. هن انتهائي قابليت ۽ محنت سان پنهنجي ذميواري ادا ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين غفلت ۽ ناقص ڪارڪردگي جو بار اسان کنيو، اسان کي تڪليف آهي ته عوام کي مهانگائي جو بار کڻڻو پيو پر اسان ان صورتحال جا ذميوار نه هئاسين، اڳوڻي حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي قيمت هڪدم گهٽ ڪري ڇڏي جڏهن ته دنيا ۾ قيمتون آسمانن سان ڳالهيون ڪري رهيون هيون پر بجيٽ ۾ سبسڊي جي لاءِ ڪا رقم مخصوص نه ڪئي، اڳوڻي حڪومت معاهدن جون ڌڄيون اڏايون جنهن جي ڪري پاڪستان قرضن ۾ جڪڙجي ويو ۽ آءِ ايم ايف جون شرطون وڌيڪ سخت ٿي ويون، پاڪستان تي عالمي برادري جو اعتماد مجروح ٿيو، اڳوڻي حڪومت پنهنجي ئي ڪيل معاهدن جي پاسداري نه ڪئي جنهن جي ڪري اسان کي دنيا ۾ شرمندگي کي منهن ڏيڻو پيو ته اسان جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورا نه ٿا ڪريون. وزيراعظم آءِ ايم ايف سان ڊيل ڪاميابي سان منطقي انجام تائين پهچڻ تي مفتاح اسماعيل کي شاباس ڏني. وزيراعظم ڪابينا کي ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي چين، روس، ترڪيه ۽ وچ ايشيائي ملڪن جي قيادت ۽ اڳواڻن سان ٿيندڙ مثبت ۽ تعميري ملاقاتن ۽ ڳالهه ٻولهه کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن جي ڪنٽينيوٽي ۽ گئس جي فراهمي جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان به عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو آهي. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ۽ بعد ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري، شيري رحمان، مريم اورنگزيب سميت وفاقي وزيرن، پرڏيهي آفيس جي لاڳاپيل عملدارن جي ڀرپور مدد ۽ محنت تي انهن جا ٿورا مڃيا.