اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کي وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون پنهنجي ڀاءُ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود کي سعودي عرب جي وزيراعظم طور مقرر ٿيڻ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، آئون ان جي ڪاميابي ۽ ڀائر ملڪ سعودي عرب جي لاءِ خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي قيادت ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعاگو آهيان. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 14:52