اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران صاحب مريم نواز جي آڊيو ليڪس تي گوڙ نه ڪريو، ان ۾ بشريٰ بي بي، فرح گوگي ۽ اڪنامڪ ڪوريڊور جو ڪٿي ڪو ذڪر نه آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته افسوس آڊيو مان هيرن جي سوديبازي برآمد نه ٿي سگهي ۽ نه ئي ڪو غيرقانوني ڪم، نه ڪا پاليسي بدلي. هن چيو ته فارن ايجنٽ جي سياست، مريم نواز جي نالي جي مرهون منت رهجي وئي آهي.