اسلام آباد – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انڊونيشيا مان 2 امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهتيون. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان انڊونيشيا پاران امدادي سامان جي فراهمي جي گرمجوشي ۽ ٿورن سان آجيان ڪري ٿو. انڊونيشيا مان ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پهرين امدادي اڏام ڪالهه اڱاري جي صبح ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿي. بعد ۾ امدادي سامان کني ٻي اڏام به ڪراچي پهچي وئي. امدادي سامان تي ٻڌل پهرين کيپ سنڌ جي محنت واري صوبائي وزير سعيد غني، سماجي ڀلائي واري وزير ساجد جوکيو، انڊونيشيا جي سفير ايڊم ٽوگيو ۽ قونصل جنرل ڊاڪٽر جون ڪنڪورو کانسواءِ نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ پرڏيهي وزارت جي نمائندن وصول ڪئي.