دادو – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دادو ضلعي جي ڳوٺ جاکرو ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم خيما بستيءَ جو دورو ڪيو ۽ ان کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه به موجود هو. وزيراعظم کي دادو ضلعي ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن، امدادي سرگرمين ۽ بحالي جي قدمن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سان دادو ضلعي ۾ هيستائين 37 ماڻهو فوت ٿيا ۽ 22 زخمي ٿيا آهن، زخمين جي انگ ۾ روزانو اضافو ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ لکين ايڪڙ تي سارين ۽ ٻيا بيٺل فصل تباهه ٿي ويا آهن، لکين چوپايو مال لُڙهي ويو، ٻوڏ جي بيٺل پاڻي سبب ڪڻڪ جي پوکيءَ دير جو شڪار آهي، پاڻي ڪڍڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ اميد آهي ته 8 کان 10 ڏينهن ۾ پاڻي نڪري ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سڄي ضلعي ۾ 17 خيما بستيون ۽ 200 کان وڌيڪ امدادي ڪئمپُون قائم ڪيُون ويُون آهن، هٿياربند ۽ سول ادارن جا اهلڪار ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي عمل ۾ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ امدادي ڪئمپن ۾ متاثرين کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ به قائم ڪيا ويا آهن، ٻوڏ سان ضلعي جا سمورا علائقا متاثر ٿيا آهن، خيمن ۽ ٻين شين جي ضرورت آهي، ماڻهن جي گهرن ۾ وڃڻ کانپوءِ انهن کي رهائش جي لاءِ وڌيڪ خيما به گهرجن، ان کانسواءِ واٽر سپلاءِ، روڊن، اسپتالن، اسڪولن ۽ ٻئي بنيادي ڍانچي جي نئين سر تعمير جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي ضرورت پوندي. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪيو ۽ علاج هيٺ مريضن کان طبي سهولتن بابت معلوم ورتي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ قائم عارضي اسڪول به ويو ۽ هن متاثر ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم متاثر ٻارن کي بهترين تعليمي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ سمارٽ اسڪول ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها ڳالهه انتهائي خوشي جوڳي آهي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن ۽ مشڪل وقت ۾ متاثرين جي مدد ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي لاءِ کنيا ويندڙ قدمن کي ساراهيو.