گڏيل قومون-23 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪن طرفان قرض جي واپسيءَ ۾ رليف ڏيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سرگرمين تي ڌيان ڏئي سگهي. جرمن نشرياتي اداري مطابق برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز گڏيل قومن جي هڪ پاليسي دستاويز جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي مالياتي بحران ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي ان لاءِ پاڪستان کي عالمي قرضن جي ادائگيءَ ۾ رليف ۽ قرضن جو نئين سر شيڊول ڏيڻ گهرجي. پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 1576 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته فوتگين جو انگ ان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته نقصان جو ڪاٿو 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ آهي. اخبار چيو آهي ته پاليسي دستاويزن جن کي گڏيل قومن جو ترقياتي پروگرام (يو اين ڊي پي) هلندڙ هفتي پاڪستان حڪومت سان شيئر ڪندو، چيو ويو آهي ته پاڪستان کي قرض ڏيندڙ ملڪن طرفان قرضن جي واپسيءَ ۾ رليف ڏيڻ تي غور ڪرڻ گهرجي ته جيئن پاڪستاني پاليسي سازن کي قرض جي ادائگيءَ تي پنهنجو ڌيان ڏيڻ بجاءِ ٻوڏ جي تباهيءَ سبب پيدا ٿيل حالتن کي نظر ۾ رکندي امدادي ڪمن کي ترجيح ملي سگهي. پاڪستان حڪومت ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ٻوڏ لاءِ ماحولياتي تبديليءَ کي ذميوار قرار ڏنو آهي. اخبار لکيو آهي ته پاليسي دستاويز ۾ قرضن جي نئين سر شيڊول جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي.