اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وادي ناران کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ لاءِ سياحن جي سهولت ۽ ماحولياتي ۽ جنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ قدمن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان بيان موجب وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن وادي ناران جو دورو ڪيو، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، موسمياتي تبديلين واري خصوصي صلاحڪار ملڪ …
وزيراعظم پاران واديءَ ناران کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ لاءِ قدمن جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وادي ناران کي عالمي معيار جو سياحتي ماڳ بڻائڻ لاءِ سياحن جي سهولت ۽ ماحولياتي ۽ جنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ قدمن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان بيان موجب وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن وادي ناران جو دورو ڪيو، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان، موسمياتي تبديلين واري خصوصي صلاحڪار ملڪ امين اسلم، سينيٽر اعظم خان سواتي ۽ دوست محمد مشهود وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم ”ريور بئنڪ پروٽيڪشن اينڊ هيبيٽيٽ ريسٽوريشن پروگرام“ جو افتتاح ڪيو، جنهن تحت هلندڙ سال وڻڪاري مهم ۾ وزيراعظم جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان جي ويزن تحت وڏي تعداد ۾ ديودار ۽ پائين جي ٻوٽن سان گڏوگڏ وڏا وڻ به لڳايا وڃن، پروگرام دريا جي ڪنارن جي ڪٽاءُ کان بچائڻ، ڊيمن کي واري سان ڀرجڻ کان روڪڻ، ناران جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ماحول کي صحيح ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم ان موقعي تي ڪميونٽي ريور رينجرز ۾ موٽرسائيڪل ورهايا، ڪميونٽي ريور ريجنرز ڪنهار دريا ۽ ان جي ڍنڍن ۽ نالن جي نگراني ڪندي غير قانوني ماهيگيري کي روڪڻ يقيني بڻائيندي وڌيڪ ڪنهار دريا، سيف الملوڪ ۽ دودي پطسار ڍنڍ ۾ ٽرائوٽ ۽ ٻين قسمن جي مڇين جو تعداد وڌائڻ لاءِ هر قسم جي ماهيگيري تي ٻن سالن تائين پابندي لڳائي وئي آهي، انهي جي ٻي مرحلي ۾ ناران ڊيسٽينيشن ٽرائوٽ ٽرافي فشنگ جو آغاز ڪيو ويندو، جنهن تحت ”ڪيچ اينڊ رليز“ جي حڪمت عملي اختيار ڪندي ٽرائوٽ ۽ ٻين جهنگلي جيوت جي شڪار کي لاڳاپيل حد کان ٽپڻ نه ڏنو ويندو، ان کانسواءِ ڪنهار دريا ۾ 30 هزار ڀوري ٽرائوٽ مڇي به ڇڏي پئي وڃي جيڪا ان جي آبادي ۾ اضافي جو سبب بڻجندي، وزيراعظم سياحن لاءِ ايمرجنسي رسيپانس سروس جو به آغاز ڪري ڇڏيو جيڪا سياحن کي هنگامي حالتن ۾ مدد فراهم ڪندي، وزيراعظم ان موقعي تي سياحتي ماڳن جي صفائي قائم رکڻ لاءِ مشينري به انتظاميه جي حوالي ڪئي جيڪا ناران جي قدرتي خوبصورتي برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، وڌيڪ پلاسٽڪ بيگس جو سياحتي ماڳ تي استعمال نه ڪرڻ لاءِ وزيراعظم مقامي ماڻهن ۾ روز مره جي خريداري لاءِ بايو دي گريڊ ايپل بيگس به ورهايا.











