وڌندڙ آبادي ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شرڪت جهڙن مسئلن تي عالمي ڊونرز جي مدد سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو: صدر

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ درپيش وڌندڙ آبادي ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شرڪت جهڙن مسئلن تي عالمي ڊونرز جي مدد سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، حڪومت عورتن کي مالي طور تي مستحڪم ۽ خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ قرض جي فراهمي ۽ هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي پاڪستان …

اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ درپيش وڌندڙ آبادي ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شرڪت جهڙن مسئلن تي عالمي ڊونرز جي مدد سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، حڪومت عورتن کي مالي طور تي مستحڪم ۽ خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ قرض جي فراهمي ۽ هنرمند بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي بئنڪ جي پاڪستان بابت ڊائريڪٽر نجي بينهاسين سان ملاقات دوران ڪيو. صدر چيو ته ملڪ کي درپيش وڌندڙ آبادي ۽ خصوصي ماڻهن جي سهولت ۽ مالي شرڪت وڏا چئلينجز آهن، وڌندڙ آبادي ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شرڪت جهڙن مسئلن تي عالمي ڊونرز جي مدد سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر ڪنٽري ڊائريڪٽر کي عورتن جي معاشي خودمختياري ۽ خصوصي ماڻهن جي مالي شرڪت وڌائڻ جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته وڌندڙ آبادي جي روڪٿام جي لاءِ ليڊي هيلٿ ورڪرز جو انگ وڌائڻ ۽ حمل روڪڻ وارين دوائن جي دستيابي وڌائڻ جي ضرورت آهي. عالمي بئنڪ جي پاڪستان بابت ڊائريڪٽر نجي بنهاسين ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي لاءِ عالمي بئنڪ جي نئين 5 سالا حڪمت عملي ڇوڪرين جي تعليم ۽ قابل تجديد بابت آهي. هن چيو ته عالمي بئنڪ جو ڌيان پاڻي ۽ زرعي شعبي جي پيداواري صلاحيت وڌائڻ، معاشرتي ۽ معاشي شموليت يقيني بڻائڻ جڏهن ته پاڪستان جي لاءِ نئين حڪمت عملي بهتر گورننس، اسٽنٽنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ صاف پاڻي جي فراهمي بابت آهي.

مزید خبریں