اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ 250 ملڪي ۽ 43 عالمي چئنل آزاداڻي طور تي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ پاڪستان جي مفاد تي اتفاق راءِ ٻڌي هجڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي هر اداري جي بنياد مان هڪ عمارت ٺاهڻي پئجي رهي آهي، اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط …
پاڪستان ۾ 250 ملڪي ۽ 43 عالمي چئنل آزاداڻي طور تي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن: چوڌري فواد حسين

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ 250 ملڪي ۽ 43 عالمي چئنل آزاداڻي طور تي پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ پاڪستان جي مفاد تي اتفاق راءِ ٻڌي هجڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان کي هر اداري جي بنياد مان هڪ عمارت ٺاهڻي پئجي رهي آهي، اسان پنهنجي ادارن کي مضبوط بڻائينداسين، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي دنيا ۾ پاڪستان جي بياني جي فروغ جي قابل بڻائينداسين، ماضي ۾ اطلاعات واري وزارت جي ماتحت ادارن ۾ سياسي بنيادن تي ڀرتين سان انهن کي تباهه ڪيو ويو، پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريڊيو پاڪستان کي آگسٽ تائين جديد خطن تي هموار ڪري رهيا آهيون، اسان پي ٽي وي کي حڪمران پارٽي بدران رياست جو ترجمان بڻايو آهي. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڪٽوتين جي رٿن تي بحث سهيڙيندي چيو ته هو ميمبرن جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن بحث دوران اهم معاملا کنيا، اطلاعات واري وزير چيو ته ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي ڳالهه ڪئي وئي اهو صحيح آهي ته ونگ جي ڪارڪردگي سواليه نشان آهي، پر ڏسڻو اهو آهي ته ان جا سبب ڪهڙا آهن، هن چيو ته اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهي، مون ان ونگ کان پڇيو ته ڇا اولهه ۾ اسان جي بياني جي حوالي سان ڪو ڪتاب لکيو ويو، عالمي سطح تي ڪا اهڙي فلم ٺاهي وئي جنهن ۾ اسان جو موقف واضح ٿيو، ان جو جواب نفي ۾ هو، ان کانسواءِ عالمي اخبارن ۽ انٽرنيشنل ميڊيا تي پاڪستان جي بياني جي مشهوري جي حوالي سان به بيان نفي ۾ هيو. هن چيو ته ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته پاڪستان جي ايڪسٽرنل پبلسٽي ونگ جي سالياني بجيٽ ساڍا 4 ڪروڙ روپيا، جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ هندستان جي بجيٽ 21 ڪروڙ روپيا آهي، هن چيو ته تازو ئي جيڪا انفو ليب پڪڙي وئي اتي 845 کان وڌيڪ جعلي ويب سائيٽس پاڪستان جي خلاف مسلسل پروپينگنڊا ڪري رهيون هيون، عالمي ميڊيا کي پاڪستان جي باري ۾ ڪوڙيون خبرون ڏنيون پيون وڃن، ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي جدوجهد تي سوال اٿاريا پيا وڃن، بلوچستان ۾ سب نيشنلزم کي فروغ ڏنو پيو وڃي، ان کانسواءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي احتجاج دوران آله آباد کان 3 لک ٽوئيٽ ڪيا ويا، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي خلاف ڪهڙي قسم جي جنگ وڙهي پئي وڃي، هن چيو ته آئون ان ڳالهه سان اتفاق ڪريان ٿو ته موجوده دور ”وار آف اوپينين“ آهي، اها اصل جنگ آهي ۽ اها پاڪستان جي جنگ آهي. هن چيو ته ٻي ڳالهه اها آهي ته اسان هيستائين ڇو پهتاسين، گذريل حڪومتن مسلسل اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ادارن ۾ پنهنجي ڪارڪنن جون ڀرتيون ڪيون، صرف پي ٽي وي جي اندر 22 سئو ملازم 10 سالن ۾ ڀرتي ڪيا ويا، انهن کي پهرين ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيو ويو جنهن کانپوءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي انهن کي مستقل ڪيو ويو، انهن جي پگهارن جي بجيٽ 32 ڪروڙ روپيا آهي، انهن مقرر ٿيل ماڻهن ۾ 5 سيڪڙو به ڪم وارا نه آهن، اهڙي طرح پي ٽي وي کي کورو بڻايو ۽ اهڙي طرح ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جو ادارو به پوري طرح ويهي ويو، هن چيو ته اسان جي لاءِ به اهو آسان آهي ته اسان پنهنجي تڪن جي هڪ هڪ پولنگ اسٽيشن مان 10، 10 ماڻهو انهن ادارن ۾ ڀرتي ڪريون ۽ پوءِ اليڪشن کٽي وڃون، ريلوي ۽ اسٽيل مل جو ٻيڙو غرق ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي هر اداري جي بنياد مان هڪ نئين عمارت ٺاهڻي پئجي رهي اهي اسان کي اهي تباهه ٿيل ادارا ورثي ۾ مليا، اسان کي پنهنجي انهن ادارن کي مضبوط بڻائڻو آهي، هن چيو ته ناڻي واري وزير جو ٿورائتو آهيان ته ان ڏس ۾ هن مدد ڪئي آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته ماضي ۾ پي ٽي وي کي حڪمران پارٽي جو ترجمان بڻايو ويو هو، پر اسان ان کي رياست جي ترجمان طور اڳتي وڌائي رهيا آهيون. اسان ادارن کي مضبوط بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن کي مڪمل ايڇ ڊي ڪيو ويو اهڙي طرح پهريون ڀيرو ماڻهو ان کي ايڇ ڊي تي ڏسي سگهندا. ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) کي ايف پي ۽ رائيٽرز وانگر ڊجيٽل ميڊيا نيٽ ورڪ ٺاهينداسين ان کي آگسٽ تائين عالمي معيار تي آڻڻ لاءِ قدم شروع ڪيا ويندا، ريڊيو پاڪستان کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪري رهيا آهيون. نئين پروگرامنگ جو آغاز آگسٽ ۾ ٿي ويندو. اطلاعات واري وزير چيو ته هتي صحافين جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي وئي، ان بنياد تي مسلسل عالمي پروپگينڊا کي سهارو ڏنو پيو وڃي، ڪجهه عنصر ان پروپگينڊا جو شڪار ٿي رهيا آهن، صحافين تي سڀ کان وڌيڪ حملا پاڪستان پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٿيا، ان دور ۾ ڪل 39 حملن ۾ 32 صحافين پنهنجي زندگي کان هٿ ڌوئي ڇڏيو، پاڪستان مسلم ليگ (ن ) جي دور ۾ 14 صحافي مارجي ويا، اسان جي دور ۾ 8 حملا ٿيا جنهن ۾ ٻن کانسواءِ سڀني حملن جي جاچ ڪئي وئي ۽ ڏوهاري پڪڙيا ويا، هن چيو ته جيڪي ٻن واقعن جا جوابدار ناهن پڪڙيا ويا اهي حملا نوشهره فيروز ۽ سکر ۾ ٿيا جتي عزيز ۽ اجئه لالواڻي قتل ٿيا، اها سنڌ حڪومت جي ذميداري آهي ته هو ٻڌائي ته ان جا قاتل ڪير آهن، عالمي ميڊيا ان حوالي سان اسان کان پڇي رهيو آهي ته اسان سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جي باري ۾ شرمنده ٿيندا آهيون، هن چيو ته پي ايم ڊي اي جي آرڊيننس خلاف مسلم ليگ (ن) جي ترجمان سڄي مهم هلائي بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو آرڊيننس جي حوالي سان خبر جعلي هئي، ڪو اهڙو آرڊيننس جاري ناهي ٿيو، ان وقت مسلم ليگ (ن) جي ترجمان کي پي ٽي آءِ حڪومت کان معافي وٺڻ گهرجي ها، هن چيو ته هندستان ۾ ٽن چئن جاين تي اهڙين جعلي خبرن تي مشتمل ٽوئيٽس ٺاهيا ويندا آهن جنهن کي افغانستان کان پکڙيو ويندو آهي ۽ هتي اسان جا ڪيترائي نادان دوست بنا ڪجهه سوچڻ جي انهن ٽوئيٽس کي اڳتي پکيڙيندا آهن، هن چيو ته اسان جو هڪ دوست هتي چئي رهيو هو ته پي ٽي ايم جي بياني کان مٿانهون ڳالهه ناهي ٿيندي، انهن کي هتان جي ميڊيا جي ڪهڙي ضرورت آهي، جڏهن سڄو عالمي ميڊيا انهن جي پويان بيهي ويندو آهي، هن چيو ته هڪ عورت پروفيسر جيڪا هتان کان ويل آهي لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي ٻاهران مظاهرو ڪندي آهي ان سان ان جو خيبرپختونخوا سان ڪو به تعلق نه آهي، خيبرپختونخوا جي رويت جا امين اتان جا ماڻهو اسان سان گڏ هن ايوان ۾ موجود آهن، خيبرپختونخوا جي دل جنهن سان گڏ ڌڙڪي ٿي اهي اسان سان گڏ آهن، ان جي مظاهري ۾ خيبرپختونخوا جا ماڻهو شرڪت ناهن ڪندا، لنڊن جي ميڊيا ۾ ان جي رائيٽس اپ ۽ تقريرن کي جاءِ ڏني ويندي آهي، توهان جو ڇا خيال آهي ته اها مفت ۾ ڏيندي آهي، افغانستان کان پاڪستان جي خلاف جيڪا تحريڪ هلائي پئي وڃي اها مفت ۾ هوندي آهي يا آمريڪا جي اخبارن ۾ جڏهن پاڪستان جي ڪجهه ماڻهن جا پاڪستان ۾ اظهار جي راءِ تي موضوع ڇپجندا آهن ته ڇا اهي مفت ۾ ڇپجندا آهن؟ نه پر هر لفظ جي قيمت ادا ڪئي ويندي آهي ۽ اها قيمت ڪير ڏيندو اهو اسان کي خبر آهي ۽ توهان کي به خبر آهي ان جي لاءِ اسان کي اظهار راءِ جي آزادي جا ڀاشڻ نه ڏيو، پاڪستان ۾ هن وقت 250 کان وڌيڪ اسان جا پنهنجي چئنل ۽ 43 کان وڌيڪ عالمي چئنلز آهن، اهي سڀ آزاداڻي طور تي هتي ڪم ڪري رهيا آهن، اسان وٽ حڪومت جي اندر ۽ مخالف ڌر جي اندر پاڪستان جي مفاد سان جڙيل معاملن تي ٻڌي ۽ اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، ننڍن ننڍن سياسي مفادن لاءِ عالمي اسٽيبلشمينٽ جي هٿان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، پنهنجي ننڍن ننڍن مفادن لاءِ پنهنجي دشمنن جي هٿن ۾ نه کيڏڻ گهرجي. اطلاعات واري وزير چيو ته اهو جيڪو برائي جو ڳٺ جوڙ بڻايو ويو آهي مون کي ٻڌايو وڃي ته اسان جا جيڪي دوست هتي ڳالهه ڪري رهيا آهن ان ۾ ڪهڙو فرق آهي ڇا اسان کي شرم نه اچڻ گهرجي ته اسان انهن جي ڳالهين کي هتي ورجائيندا آهيون، اهڙي طرح اسان پاڪستان جي خدمت نٿا ڪري سگهون، هن چيو ته عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان کي اڳتي وٺي وينداسين ۽ اطلاعات واري وزارت کي اهڙو بڻائينداسين جيڪا پاڪستان جو بيانيو اڳتي وڌائيندي، هن چيو ته صحافين جي تحفظ جي بل جي ڳالهه ٿي آهي اسان پاڪستان جي صحافين کي اهي سهولتون ڏيڻ چاهيون ٿا جنهن جي پاڪستان جي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي. اسان پنهنجي صحافين کي ڪامياب جوجوان پروگرام جو حصو بڻايو آهي، اسان انهن کي وزيراعظم جي هائوسنگ منصوبي جو حصو بڻائي رهيا آهيون، هن چيو ته پيپلزپارٽي همت ڪري ۽ بلاول ڀٽو کي چوي ته هو صحافين جي تحفظ جو بل جيڪو انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيل آهي ان کي ڇو اتي رکيو ويٺو آهي، ان کان اڳ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسميبلي ميمبر مريم اورنگزيب چيو ته 121 پروڊيوسر ڪم ڪندا آهن، هڪ سال ۾ هڪ به پروڊڪشن ناهي ڪئي، پي ٽي وي جي لاءِ پاڪستان فلم ۽ ڪلچر پاليسي جي لاءِ فنڊ ناهن رکيا ويا، پاڪستان جيڪڏهن پنهنجي اصل پاڪستانيت جي روح کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جي لاءِ ان جي مد ۾ فنڊ رکڻا پوندا. پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيه مري، رومينه خورشيد عالم، عبدالاڪبر چترالي، ناز بلوچ ، شاهده اختر علي، آغا رفيع الله ۽ محسن داوڙ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث ۾ حصو وٺندي اطلاعات واري وزارت ۽ ان جي ماتحت ادارن جي ڪارڪردگي کي تنقيد جو نشانو بڻايو.











