اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي 5 ضروري شين تي سبسڊي ڏيڻ ۾ پهرين جولاءِ کان توسيع جي اجازت ۽ پيٽروليم واري وزارت، ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل کي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي غير ادا ٿيل رهتن جي ادائيگي جي لاءِ وقت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ڪپهه جي امدادي قيمت جي تعين …
ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي 5 ضروري شين تي سبسڊي ڏيڻ ۾ پهرين جولاءِ کان توسيع جي اجازت ۽ پيٽروليم واري وزارت، ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل کي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي غير ادا ٿيل رهتن جي ادائيگي جي لاءِ وقت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي، اي سي سي ڪپهه جي امدادي قيمت جي تعين جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 15 ڏينهن ۾ تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪندي. اجلاس ۾ ڪيترين ئي وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ فني ضمني گرانٽس جي منظوري پڻ ڏني وئي. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي ۽ اوڳارين واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي 25 جون 2021ع تي هڪ لک ٽن کنڊ جي درآمد جي لاءِ ٽينڊر کولڻ جي سمري جي منظوري ڏني. سال 22 – 2021ع جي ڪپهه جي فصل جي امدادي قيمت جي حوالي سان قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي تجويز تي اي سي سي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي جيڪا ان حوالي سان 15 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ميري ٽائيم افيئرز واري وزارت جي سمري تي اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽروليم واري وزارت، ناڻي واري وزارت ۽ پاڪستان اسٽيٽ آئل کي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن کي غيرادا ٿيل رهتن جي ادائيگي جي لاءِ وقت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ذريعي 5 ضروري شين تي سبسڊي ڏيڻ ۾ پهرين جولاءِ کان توسيع جي سمري تي اقتصادي رابطا ڪميٽي پهرين جولاءِ کان 15 ڏينهن جي توسيع جي اجازت ڏئي ڇڏي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان ڏس ۾ هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي جيڪا 15 ڏينهن ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو تعين ڪندي. پاور ڊويزن پاران بجلي جي نج منافعي جي غير ادا ٿيل رقم جي سمري تي اقتصادي رابطا ڪميٽي پاور ڊويزن ۽ ناڻي واري وزارت کي ٻن هفتن ۾ واپڊا پاران مالياتي گهرجن جي ممڪن آپشنز ۽ حل تي ٻڌل تجويزون ۽ سفارشون جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ هوابازي ڊويزن جي لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا، اين ايس پي پي لاهور جي لاءِ 73.870 ملين رپيا، پاڪستان اڪيڊمي فار رورل ڊيولپمينٽ پشاور جي لاءِ 20.70 ملين رپيا، مختلف آفيسن جي لاءِ الائونس ۾ فرق ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ارب رپيا، بين الصوبائي رابطن واري ڊويزن جي لاءِ 16.706 ارب رپيا، فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ جي لاءِ گهرو وزارت کي 1012.17 ملين رپيا، اميگريشن اينڊ پاسپورٽ جي لاءِ 1.6 ارب رپيا، ايف بي آر جي لاءِ 456.64 ارب رپيا، پرڏيهي معاملن واري وزارت جي لاءِ 2 ارب رپيا، واپار واري وزارت جي ٽيڪسٽائيل ونگ جي لاءِ 8 ارب رپيا ۽ منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت جي لاءِ 5800 ملين رپين جي فني ضمني گرانٽس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص معاونين، صلاحڪارن ۽ لاڳاپيل ادارن ۽ کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.











