پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس خواهش آهي ته سمورا پاڪستاني خاص طور تي نوجوان وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ تيار ٿين، اسان کي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دنيا جي …

اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ تاريخ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري شروع ٿيڻ وڃي رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سندس خواهش آهي ته سمورا پاڪستاني خاص طور تي نوجوان وڻڪاري مهم ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ تيار ٿين، اسان کي ان سلسلي ۾ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آبادي جي حساب سان وڻن جي انگ جو چارٽ پڻ شيئر ڪيو، جنهن موجب دنيا ۾ هڪ انسان جي لاءِ 422 وڻ آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ اهو تناسب رڳو هڪ ۽ 5 جو آهي، يعني هڪ ماڻهو جي لاءِ رڳو 5 وڻ آهن. ڪئناڊا سرفهرست آهي جتي هڪ ماڻهو جي مقابلي ۾ 10 هزار 163 وڻ آهن. گرين لينڊ ۾ اهو تناسب هڪ ۽ 4964، آسٽريليا ۾ 3266، آمريڪا ۾ 699، فرانس ۾ 203، ايٿوپيا ۾ 143، چين ۾ 130، برطانيا ۾ 47 ۽ ڀارت ۾ 28 آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ وڻڪاري ۽ ماحوليات جي بهتري کي ترجيح ڏني آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ وقت بوقت موسم جي مناسبت سان وڻڪاري جي مهم هلائي وڃي ٿي.

مزید خبریں