پاڪستان پولينڊ سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، پروڊڪشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبن ۾ حصيداري اڻٽر آهي، هي شعبا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قدرن، ثقافت ۽ دوستي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن. اهڙن …

اسلام آباد – 27 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان پولينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فلم، پروڊڪشن ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي شعبن ۾ حصيداري اڻٽر آهي، هي شعبا ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ قدرن، ثقافت ۽ دوستي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پولينڊ جي سفير پيٽر او پالنسڪي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل مفاد جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.

مزید خبریں