اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سروس ٽربيونل انتظاميا جي جاءِ وٺي پنهنجي سري سان ڀرتي جا قاعدا ختم ڪرڻ يا انهن کي نئين سر ٺاهڻ جي هدايت نه ٿو ڏئي سگهي، حڪومت کي انتظامي ضرورتن مطابق نوڪرين جي ڍانچي ۽ ڀرتي جي قاعدن ۾ ترميم جو اختيار حاصل آهي، عدالت ڪنٽرولر جنرل آف پاڪستان اڪائونٽس جا ڀرتي قاعدا 2014ع بحال ڪندي فيڊرل …
سروس ٽربيونل انتظاميا بڻجي ڀرتي قاعدا ختم يا نئين سر ٺاهڻ جو حڪم نه ٿو ڏئي سگهي: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سروس ٽربيونل انتظاميا جي جاءِ وٺي پنهنجي سري سان ڀرتي جا قاعدا ختم ڪرڻ يا انهن کي نئين سر ٺاهڻ جي هدايت نه ٿو ڏئي سگهي، حڪومت کي انتظامي ضرورتن مطابق نوڪرين جي ڍانچي ۽ ڀرتي جي قاعدن ۾ ترميم جو اختيار حاصل آهي، عدالت ڪنٽرولر جنرل آف پاڪستان اڪائونٽس جا ڀرتي قاعدا 2014ع بحال ڪندي فيڊرل سروس ٽريبيونل جو 17 آڪٽوبر 2022ع جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس عائشه اي ملڪ ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪندي چيو ته آئين جي آرٽيڪل 212 تحت سروس ٽريبيونل جو دائره اختيار سرڪاري ملازمن جي نوڪري جي شرطن ۽ ضابطن بابت معاملن تائين محدود آهي، ٽربيونل کي پنهنجي دائره اختيار جي حدن جو خيال رکڻ گهرجي ۽ انتظاميا جي پاليسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. فيصلي مطابق فيڊرل سروس ٽربيونل 15 جولاءِ 2014ع تي جوڙيل ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس جي ڀرتي قاعدن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن جي شروعاتي منظوري نه هجڻ جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏنو هو. سپريم ڪورٽ تفصيلي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته اسٽيبلشمينٽ ڊويزن 2017ع، 2019ع ۽ 2021ع ۾ انهن ئي قاعدن ۾ ترميمن جي منظوري ڏني جڏهن ته انهن تي مسلسل عمل به ٿيندو رهيو، بعد جي منظورين ۽ قاعدن جي تسلسل سان 2014ع جي قاعدن جي قانوني حيثيت برقرار رهي ٿي. عدالت چيو ته لاڳاپيل ملازم کي پهرين جنوري 2021ع تي جونيئر آڊيٽر کان سينيئر آڊيٽر جي عهدي تي ترقي ملي چڪي هئي، ملازم انهن ئي قاعدن تحت ترقي حاصل ڪرڻ بعد انهن کي چئلينج ڪيو. فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو ته جونيئر آڊيٽر کان سڌيءَ ريت اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر جي عهدي تي ترقي حاصل ڪرڻ جو ڪو قانوني يا حاصل ٿيل حق ناهي، ترقي پاڻ بنيادي حق ناهي ته ملازم هر صورت ۾ ان جو مطالبو ڪري سگهي. سپريم ڪورٽ مطابق جونيئر آڊيٽر کان سينيئر آڊيٽر (بي پي ايس 16) جي عهدي تي ترقي جي ڪوٽا مئي 2019ع ۾ 10 سيڪڙو کان وڌائي 50 سيڪڙو ڪئي وئي. عدالت وڌيڪ قرار ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن قاعدي سان ملازم جا بنيادي حق يا قانوني حق متاثر نه ٿا ٿين ته سروس ٽربيونل کي ان ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. ٽربيونل انتظاميا جي جاءِ تي قاعدا نئين سر ٺاهڻ جي هدايت نه ٿو ڏئي سگهي.












