پروبيشن مڪمل ڪندڙ آفسيرن جي سينيارٽي تبديل نه ٿي ڪري سگهجي، سپريم ڪورٽ پاران ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سروس رولز 1990ع تي عمل رڳو نوڪري جي شروعاتي پروبيشنري مرحلي تائين محدود آهي ۽ پروبيشن مڪمل ڪري باقاعده نوڪري حاصل ڪندڙ آفيسرن جي سنيارٽي انهن قاعدن جي بنياد تي تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. عدالت ريلوي آفيسرن جي سنيارٽي بابت فيڊرل سروس ٽريبيونل جو 19 سيپٽمبر 2025ع جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عائشه اي ملڪ …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته سروس رولز 1990ع تي عمل رڳو نوڪري جي شروعاتي پروبيشنري مرحلي تائين محدود آهي ۽ پروبيشن مڪمل ڪري باقاعده نوڪري حاصل ڪندڙ آفيسرن جي سنيارٽي انهن قاعدن جي بنياد تي تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. عدالت ريلوي آفيسرن جي سنيارٽي بابت فيڊرل سروس ٽريبيونل جو 19 سيپٽمبر 2025ع جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس عائشه اي ملڪ لکت واري فيصلي ۾ چيو ته ڏهاڪن کان رائج طريقيڪار ۽ سي ايس ايس امتحان ۾ حاصل ڪيل ميرٽ جي بنياد تي طئي ٿيل سنيارٽي کي بعد ۾ ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ريلوي کاتي طرفان پراڻي سنيارٽي لسٽ ۾ تبديلي ۽ انهن تبديلين جو ماضي کان لاڳو ٿيڻ غير قانوني آهي. فيصلي مطابق ريلوي کاتو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان آفيسرن جي سنيارٽي سي ايس ايس امتحان ۾ حاصل ڪيل ميرٽ جي بنياد تي طئي ڪندو رهي ٿو. پر کاتي 27 آگسٽ 2014ع تي نظرثاني ٿيل سنيارٽي لسٽ جاري ڪئي، جنهن کي سروس ٽريبيونل ۽ سپريم ڪورٽ ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو هو. بعد ۾ ريلوي کاتي 29 جون 2022ع، 20 مارچ 2023ع تي سي ايس ايس امتحان جي ميرٽ جي بنياد تي عارضي سنيارٽي لسٽون جاري ڪيون. انهن لسٽن خلاف آفيسرن فيڊرل سروس ٽريبيونل ۾ اپيلون داخل ڪيون. فيڊرل سروس ٽريبيونل 19 سيپٽمبر 2025ع جي فيصلي ۾ ريلوي جون لسٽون ڪالعدم قرار ڏيندي 1990ع جي سروس رولز تحت نيون سنيارٽي لسٽون تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته پروبيشن جو مدو مڪمل ڪري باقاعده نوڪري حاصل ڪندڙ سول سرونٽس جي سنيارٽي متاثر نه ٿيڻ گهرجي ۽ ريلوي کاتو ماضي ۾ طئي ٿيل سنيارٽي کي بعد ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهي. عدالت فيڊرل سروس ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.