غير قانوني ۽ نقصان پهچائيندڙ مواد کي نظر انداز نه ڪيو ۽ فوري طور تي رپورٽ ڪيو: پي ٽي اي

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي( پي ٽي اي) شهرين تي زور ڀريو آهي ته اهي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي غير قانوني، نقصان پهچائيندڙ ۽ حراسان ڪندڙ مودا کي نظر انداز ڪرڻ بدران ان جي ذميواري سان رپورٽنگ کي يقيني بڻائين. ترجمان موجب اهڙو مودا صارفين جي ذاتي رازداري جي تحفظ لاءِ شديد خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ان جي روڪ ٿام …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي( پي ٽي اي) شهرين تي زور ڀريو آهي ته اهي انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا تي غير قانوني، نقصان پهچائيندڙ ۽ حراسان ڪندڙ مودا کي نظر انداز ڪرڻ بدران ان جي ذميواري سان رپورٽنگ کي يقيني بڻائين. ترجمان موجب اهڙو مودا صارفين جي ذاتي رازداري جي تحفظ لاءِ شديد خطرو ثابت ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ ان جي روڪ ٿام لاءِ وقت تي قدم کنيا وڃن.  ترجمان واضع ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي جعلي پروفائل، هراسان ڪندڙ ۽ غير اخلاقي مواد جي روڪٿام لاءِ صارفين لاڳاپيل پليٽ فارم جي بلٽ ان رپورٽنگ ٽولز جو استعمال ڪن. جڏهن ته ان حوالي سان ڏوهارين خلاف ڪارروائي لاءِ شهري سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي( اين سي سي آءِ اي) جي هيلپ لائن 1799 يان ان جي ويب پورٽل سان رابطو ڪري پنهنجي شڪايت داخل ڪرائين. ٻئي پاسي  جعلي يا فراڊ ڪالز، شڪي پيغام ۽ موبائل آپريٽر جي خدمتن سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ پي ٽي اي جي شڪايت مينجمينٽ سسٽم  complaint.pta.gov.pk تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.