پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 884 پوائنٽس گهٽجي ويو

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 884.61 پوائنٽس گهٽجي 165046.37 پوائنٽس تي اچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن مان 167 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهه ۾ اضافو، 273 ۾ گهٽتائي ۽ 126 جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. شروعاتي ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 86.56 …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 884.61 پوائنٽس گهٽجي 165046.37 پوائنٽس تي اچي ويو. مارڪيٽ ۾ مجموعي طور تي 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن مان 167 ڪمپنين جي شيئرز جي اگهه ۾ اضافو، 273 ۾ گهٽتائي ۽ 126 جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. شروعاتي ڪاروباري سيشن دوران مجموعي طور تي 86.56 ملين شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي جن جي ماليت 4.48 ارب روپيا رهي. ايم اي سي پي فلمز لميٽڊ جي 13.75 ملين، سينز جنڪو پي ڪي لميٽڊ جي 7.29 ملين ۽ پاڪستان ريفائنري لميٽيڊ جي 5.47 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو.