فارما ايشيا 2026ع جي ٻئي ڏينهن به سرگرميون جاري، ڏيهي ۽ پرڏيهي ڪمپنين جي ڀرپور شرڪت

ڪراچي- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 24 هين فارما ايشيا انٽرنيشنل ايگزهيبيشن اينڊ ڪانفرنس 2026ع جي ٻئي ڏينهن به سرگرميون جاري رهيون جن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي فارماسيوٽيڪل ڪمپنين ۽ عالمي واپاري نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق نمائش اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي)، اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان ۽ پاڪستان فارما سيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن جي شراڪت سان منعقد ڪئي وئي …

ڪراچي- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ 24 هين فارما ايشيا انٽرنيشنل ايگزهيبيشن اينڊ ڪانفرنس 2026ع جي ٻئي ڏينهن به سرگرميون جاري رهيون جن ۾ ڏيهي ۽ پرڏيهي فارماسيوٽيڪل ڪمپنين ۽ عالمي واپاري نمائندن ڀرپور شرڪت ڪئي. تفصيل مطابق نمائش اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي)، اي ڪامرس گيٽ وي پاڪستان ۽ پاڪستان فارما سيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن جي شراڪت سان منعقد ڪئي وئي آهي. اها نمائش پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل ۽ نيوٽراسيوٽيڪل صنعت ۾ عالمي سهڪار، ڪاروباري رابطن ۽ شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم پليٽ فارم فراهم ڪري رهي آهي. فارما ايشيا 2026ع ۾ نيوٽراسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسو سي ايشن پاڪستان جي چيئرمين ۽ ايراني ڪمرشل اتاشي مراد نعمتي به شرڪت ڪئي. نمائش ۾ چين جي 50 کان وڌيڪ ڪمپنين ۽ 150 کان وڌيڪ نمائندن جي شرڪت کي ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ، ڪاروباري رابطن ۽ صنعتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم قرار ڏنو پيو وڃي. نمائش ذريعي ملڪي ۽ عالمي ڪمپنين کي پنهنجي مصنوعات، جديد ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي صلاحيتن کي متعارف ڪرائڻ سان گڏو گڏ نوان ڪاروباري موقعا ڳولڻ ۽ گڏيل شراڪتداري کي هٿي ڏيڻ جو موقعو ملي رهيو آهي. فارما ايشيا 2026ع پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل ۽ نيوٽراسيوٽيڪل صنعت کي عالمي مارڪيٽن سان ڳنڍڻ، عالمي سيڙپڪاري ۽ واپاري سهڪار جا امڪان وڌائڻ ۽ صنعت جي ترقي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي آهي.