عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، جنسن جي اگهه ۾ گڏيل لاڙو رهيو

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن سون جي اگهه ۾ گهٽتائي آئي جڏهن ته جنسن جي اگهه ۾ گڏيل لاڙو رهيو. سون جو اگهه 57.63 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4،083.11 ڊالرز في اونس جڏهن ته چاندي جو اگهه 1.77 ڊالرز جي گهٽتائي سان 55.95 ڊالرز في اونس رهيو. اهڙي ريت جنسن ۾ مڪئي جي اگهه ۾ 0.75 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ …

اسلام آباد- 22 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن سون جي اگهه ۾ گهٽتائي آئي جڏهن ته جنسن جي اگهه ۾ گڏيل لاڙو رهيو. سون جو اگهه 57.63 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4،083.11 ڊالرز في اونس جڏهن ته چاندي جو اگهه 1.77 ڊالرز جي گهٽتائي سان 55.95 ڊالرز في اونس رهيو. اهڙي ريت جنسن ۾ مڪئي جي اگهه ۾ 0.75 ڊالر جو اضافو ٿيو جنهن کان پوءِ مڪئي 465 ڊالرز في بشل ۾ وڪرو ٿي جڏهن ته ڪڻڪ جو اگهه 0.75 ڊالر جي گهٽتائي سان 627 ڊالرز في بشل ٿي ويو. ڪپهه جي اگهه ۾ 0.61 ڊالر جو اضافو رڪارڊ ٿيو.