اسلام آباد ۾ 150 ايڪڙ زمين تي اسلام، تاريخ ۽ هٿياربند فوجن سميت ٻين شعبن جا 8 عالمي معيار جا عجائب گھر ٺهندا: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر جي علائقي ملپور ۾ 150 ايڪڙ زمين تي مختلف قومي ۽ تاريخي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ 8 وڏا عالمي معيار جا عجائب گھر تعمير ڪيا ويندا، انهن عجائب گهرن ۾ قومي ورثو عجائب گھر، تاريخي عجائب گھر، پاڪستان جي هٿياربند فوجن (آرمڊ فورسز) جو عجائب گھر ۽ اسلامي عجائب گھر سميت ٻين شعبن جا عجائب گهر شامل هوندا، جن …

اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر جي علائقي ملپور ۾ 150 ايڪڙ زمين تي مختلف قومي ۽ تاريخي شعبن جي نمائندگي ڪندڙ 8 وڏا عالمي معيار جا عجائب گھر تعمير ڪيا ويندا، انهن عجائب گهرن ۾ قومي ورثو عجائب گھر، تاريخي عجائب گھر، پاڪستان جي هٿياربند فوجن (آرمڊ فورسز) جو عجائب گھر ۽ اسلامي عجائب گھر سميت ٻين شعبن جا عجائب گهر شامل هوندا، جن ذريعي پاڪستان جي تاريخي ورثي، اسلامي قدرن ۽ دفاعي خدمتن کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. اها ڳالهه وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اسلام آباد جي علائقي ملپور جي دوري جي موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌائي. ان موقعي تي گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. گهرو وزير محسن نقوي دوري دوران سرڪاري زمين ۽ تجويز ڪيل منصوبي جي جڳهه جو جائزو وٺندي ٻڌايو ته ملپور ۾ سرڪاري زمين تي تعمير لاءِ 108 ڪينال زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان سان لاڳاپيل اٽڪل 150 ايڪڙ زمين کي هن ميگا منصوبي لاءِ مختص ڪيو ويو آهي ته جيئن گادي واري هنڌ ۾ ثقافتي ۽ تاريخي سرگرمين کي هٿي ڏئي سگهجي. سرڪاري زمينن تي قبضن ۽ غير قانوني قبضن خلاف سخت پاليسي جو اعلان ڪندي گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ قيمتي سرڪاري زمين ۽ اپارٽمنٽس تي ڏهاڪن کان قبضو ڪندڙ ڌرين سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. هن واضح لفظن ۾ چيو ته سرڪاري زمينن تي قبضن ۾ جيترو ڏوهه قبضه مافيا جو آهي اوترو ئي ڏوهه سي ڊي اي جي انهن لاڳاپيل آفيسرن جو آهي جن ماضي ۾ انهن غير قانوني قدمن جي راهه هموار ڪئي، ان لاءِ ٻئي برابر جا قصور وار آهن ۽ انهن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ٿيندي. هن انڪشاف ڪيو ته اسلام آباد ۾ غوري ٽائون سميت اٽڪل 150 هائوسنگ سوسائٽيون غير قانوني آهن جن خلاف انتظاميه ۽ سي ڊي اي مڪمل طور تي متحرڪ ٿي سخت قانوني ڪارروائي ڪري رهيا آهن.