لاڙڪاڻو - 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو تعليمي سهولتن جو جائزو وٺڻ ۽ اسڪولن جي عمارتن جي حالت جو اندازو لڳائڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسٽاف ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري) لاڙڪاڻو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو ۽ تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر ۽ عملدار موجود هئا. دوري دوران ايگزيڪيوٽو …
ڊي سي لاڙڪاڻو پاران چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسٽاف ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جو دورو
لاڙڪاڻو – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور چانڊيو تعليمي سهولتن جو جائزو وٺڻ ۽ اسڪولن جي عمارتن جي حالت جو اندازو لڳائڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسٽاف ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جو دورو ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر سان گڏ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر (سيڪنڊري) لاڙڪاڻو، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس لاڙڪاڻو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو ۽ تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر ۽ عملدار موجود هئا. دوري دوران ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس لاڙڪاڻو پاران ڊپٽي ڪمشنر کي جاري ڪمن ۽ اسڪول جي عمارت جي موجوده حالت ۽ ڍانچي بابت بريفنگ ڏني. اسڪول جي هيڊ مسٽريس ڊپٽي ڪمشنر کي اسڪول ۾ هن وقت موجود سهولتن، گڏوگڏ اڻپورين ۽ گهربل سهولتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن اسڪول جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٻن اضافي ڪلاسن ۽ هڪ اسٽاف آفيس جي تعمير سان گڏوگڏ ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس لاڙڪاڻو ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ لاڙڪاڻو کي هدايت ڪئي ته سمورين اڻپورين سهولتن جي نشاندهي ڪري انهن جو رڪارڊ مرتب ڪن ۽ ان مطابق پي سي ون تيار ڪن. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته اها تجويز فنڊن جي فراهمي ۽ اسڪول ۾ گهربل سهولتن جي فراهمي لاءِ اعليٰ اختيارين ڏانهن موڪلي وڃي. ڊپٽي ڪمشنر شاگردياڻين لاءِ مناسب تعليمي سهولتن ۽ سکيا لاءِ سازگار ماحول کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو.












