ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ تعميراتي ڪم ڏينهن رات تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، …
شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي بابت اجلاس
ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ تعميراتي ڪم ڏينهن رات تيز ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ييلو لائين بي آر ٽي منصوبي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪمال دايو، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بهزاد ميمڻ ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبي جي تعميراتي ڪمن ۽ مختلف پيڪيجز تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ هدايت ڪئي ته منصوبي جا سمورا ڪم گڏيل رابطي ۽ مربوط حڪمت عملي تحت تيز رفتاري سان مڪمل ڪيا وڃن. هن تاج حيدر پل جي ٻئي حصي، ڊيپوز ۽ ٻين اهم حصن جي تعمير کي ترجيحي بنيادن تي اڳتي وڌائڻ سان گڏ ڪم جي معيار کي به يقيني بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي ڪراچي جي جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام جو اهم منصوبو آهي ۽ وڌندڙ آبادي جي سفري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ان کي جلد مڪمل ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ عوام کي بهتر، جديد ۽ معياري سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ماس ٽرانزٽ منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي.












