اسلام آباد - 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ان جي نمايان عالمي ڪردار، گڏيل قومن جي قيادت ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان جو اعلى ترين سول اعزاز “نشان امتياز” عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز پاڪستان پاران گڏيل قومن جي ڪنهن به سيڪريٽري جنرل کي پهريون ڀيرو ڏنو ويو آهي. ان سلسلي …
صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي “نشان امتياز” عطا ڪيو، گڏيل قومن جي اصولي قيادت، عالمي امن، سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن جي واکاڻ
اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ان جي نمايان عالمي ڪردار، گڏيل قومن جي قيادت ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان جو اعلى ترين سول اعزاز “نشان امتياز” عطا ڪيو آهي. اهو اعزاز پاڪستان پاران گڏيل قومن جي ڪنهن به سيڪريٽري جنرل کي پهريون ڀيرو ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ اعزاز ڏيڻ جي خصوصي تقريب اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ سفارتي ڪور جي نمائندن شرڪت ڪئي.

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ان موقعي تي پنهنجا تاثر بيان ڪندي اعلى قومي اعزاز ملڻ تي ٿورن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هي اعلى اعزاز حاصل ڪري آئون تمام گهڻو متاثر ۽ دل جي گهرائين سان خوش آهيان. هن چيو ته آئون هي اعزاز گڏيل قومن جي انهن سمورن عورتن ۽ مردن پاران قبول ڪريان ٿو جيڪي سڄي دنيا ۾ بشمول هن عظيم ملڪ پاڪستان ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان منهنجو مدو پڄاڻي جي ويجهو آهي ۽ آئون بحيثيت سيڪريٽري جنرل پاڪستان جو هڪ آخري دورو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم هئس. پنهنجي تاثرن ۾ انتونيو گوتريس عظيم شاعر ۽ فلسفي علامه محمد اقبال جو خاص طور تي حوالو ڏنو جنهن ۾ هو ماڻهن بابت ڳالهه ڪري رهيو هو، پر ان جا اهي لفظ ڪنهن به قوم بابت ايترائي موزون آهن. هن لکيو ته: “پنهنجي مٺي ڀر خاڪ مان هڪ اهڙو جسم تخليق ڪريو جيڪو قلعي کان وڌيڪ مضبوط هجي ۽ ان جسم جي اندر اهڙي دل رکو جيڪا ڏک محسوس ڪري، جيئن جبل جي دامن ۾ وهندڙ نديءَ هجي.” گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته پاڪستان جي عوام کي آئون انهي انداز ۾ ڏسان ٿو، هڪ اهڙو ملڪ جيڪو طاقت رکندڙ آهي، هڪ اهڙو ملڪ جيڪو عزم جو پيڪر آهي ۽ هڪ اهڙو ملڪ جيڪو همدرديءَ ۽ درد دل سان مالامال آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان کان اڳ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات دوران صدر گڏيل قومن جي اصولي قيادت، عالمي امن، ڳالهه ٻولهه، سفارتڪاري ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ سندس ڪوششن کي ساراهيو.

صدر پاڪستان سان سندس تعميري رابطن ۽ اسرندڙ ملڪن جي مسئلن تي ان جي ڌيان جي پڻ واکاڻ ڪئي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. هن فلسطيني رياست جي قيام ۽ ٻه رياستي حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي مسلسل حمايت کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪوششن جي حمايت جاري رکندو. صدر ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پائيدار امن جي لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ برابري جي بنياد تي پاڙيسرين جي حيثيت سان مسلسل ڳالهه ٻولهه ۽ سمورن پراڻي تڪرارن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو حل ضروري آهي، جيئن گڏيل قومن جي قراردادن ۾ ڪشميري عوام جي جذبن جو احترام ڪندي طئي ڪيو ويو آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدو هڪ پابند عالمي معاهدو آهي ۽ ان کي هڪطرفي طور تي معطل يا غيرموثر نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته پاڻي کي هٿيار يا سياسي دٻاءُ جي ذريعي جي طور تي استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ معاهدي تحت پاڪستان جي پاڻي حقن، جن کي عالمي عدالتن به تسليم ڪيو آهي، جو احترام ڪرڻ گهرجي. علائقائي امن ۽ سفارتڪاري تي ڳالهائيندي صدر آصف علي زرداري چيو ته اسلام آباد ڳالهه ٻولهه سميت پاڪستان جون سفارتي ڪوششون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي، ڳالهه ٻولهه ۽ انساني جانين جي تحفظ جي بنيادي اصولن تحت ڪيون ويون آهن. هن چيو ته پاڪستان جتي به مفيد هجي، سفارتڪاري ۾ سهولتڪاري جي لاءِ تيار آهي، ڇو ته علائقائي تڪرارن جي حل لاءِ ڳالهه ٻولهه جو ڪو متبادل نه آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ افغانستان جي حوالي سان صدر چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ پرعزم حصيدار آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ بي پناهه قربانيون ڏئي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي افغان سرزمين تان سرگرم دهشتگرد گروهن پاران مسلسل دهشتگردي درپيش آهي ۽ پاڪستان پنهنجي سرزمين کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد پراڪسيز جي لاءِ ٻاهرئين مدد جا ثبوت پڻ فراهم ڪيا آهن. هن زور ڏنو ته افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن عالمي قانون موجب پنهنجي عوام ۽ سرزمين جي تحفظ سان گڏوگڏ ڳالهه ٻولهه ۽ علائقائي تعاون جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ پاڪستان جي ڊگهي ۽ نمايان خدمتن کي اجاگر ڪندي چيو ته 270000 کان وڌيڪ پاڪستاني امن دستن سڄي دنيا ۾ گڏيل قومن جي 48 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. هن عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امن ڪوششن کي هڪ اهم ذريعو قرار ڏيندي ان جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر سيڪريٽري جنرل پاران يو اين 80 انيشي ايٽو جي قيادت تي کيس ساراهيو ۽ گڏيل قومن کي وڌيڪ موثر، ٺوس ۽ فعال بڻائڻ جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. هن چيو ته سڌارن جي عمل ۾ اسرندڙ ملڪن جي مفادن جو تحفظ، پائيدار ترقي ۾ تيزي، تڪرارن جي روڪٿام، امن ڪوششن ۽ امن قائم ڪرڻ کي مضبوط بڻائڻ ضروري آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل قومن جو ايندڙ سيڪريٽري جنرل سڌارن جي عمل کي اڳتي وڌائيندو ۽ عالمي امن، ترقي ۽ عالمي تعاون ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار کي برقرار رکندو. موسمياتي تبديلي جي حوالي سان صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جهڙن موسمياتي تبديلي کان شديد متاثر ٿيندڙ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ موسمياتي تبديلي هڪ وجودي چئلينج آهي. هن ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۾ گهٽتائي، موافقت ۽ موسمياتي مالي مدد جي لاءِ عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط قدمن تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جمهوري بڻائڻ جي حمايت ڪري ٿو ۽ ڪائونسل ۾ غيرچونڊيل ميمبرشپ جي اضافي يا توسيع جي مخالفت ڪري ٿو.، پاڪستان برابر جاگرافيائي نمائندگي جي اصول تحت چونڊيل غيرمستقل ميمبرن جي ذريعي وڌيڪ موثر نمائندگي جو حامي آهي. صدر 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ذاتي يڪجهتي کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سندس متاثر علائقن جو دورو، عالمي امداد متحرڪ ڪرڻ ۽ جنيوا ۾ امدادي واعدن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ ڪردار به شامل آهي. صدر آصف علي زرداري ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير جي عمل ۾ 21 لک موسمياتي تبديلين کان محفوظ گهر تعمير ڪيا ويا، جن جي ملڪيت مستحق خاندانن جي عورت ميمبرن کي ڏني وئي. هن ان قدم کي موسمياتي لچڪ، نئين سر تعمير ۽ عورتن جي معاشي اختيار کي گڏيل طور تي ٺوس بڻائڻ جو هڪ اهم ماڊل قرار ڏنو. ان موقعي تي ڳالهائيندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته سالن کان پاڪستاني عوام جي مهمان نوازي ڏٺي آهي جڏهن انهن لکين ماڻهن کي پناهه فراهم ڪئي. هن چيو ته مون دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيندي توهان جي يڪجهتي ۽ استقامت ڏٺي آهي، آئون حقيقي پاڪستان کي ڄاڻان ٿو ڇو ته مون حقيقي پاڪستان کي ڏٺو آهي، تنهن ڪري آئون هن اعزاز جي لاءِ جيڪو توهان مون کي ۽ گڏيل قومن کي عطا ڪيو، توهان جا ٿورا ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ ان شيءَ جي لاءِ پڻ توهان جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪا توهان دنيا کي ڏني. ملاقات دوران گڏيل قومن پاران انڊر سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو ۽ وقتي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر پرنيل آئرن سائيڊ پڻ موجود هئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ اڳوڻو وفاقي وزير سيد نويد قمر پڻ ان موقعي تي موجود هئا.












