گڏيل قومون-30 سيپٽمبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ چوٿون غير رسمي ووٽنگ مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيپٽمبر لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن ۾ فرانس جي سفير صحافين کي ٻڌايو ته اميدوارن جي باري ۾ چوٿين مرحلي جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي. هن چيو ته هر اميدوار کي نتيجن بابت …
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ چوٿون غير رسمي ووٽنگ مرحلو مڪمل
گڏيل قومون-30 سيپٽمبر(اي پي پي)گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل اڱاري ڏينهن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوارن جي چونڊ لاءِ چوٿون غير رسمي ووٽنگ مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سيپٽمبر لاءِ سلامتي ڪائونسل جي صدر ۽ گڏيل قومن ۾ فرانس جي سفير صحافين کي ٻڌايو ته اميدوارن جي باري ۾ چوٿين مرحلي جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي. هن چيو ته هر اميدوار کي نتيجن بابت ان جي نامزد ڪيل ميمبر ملڪن جي نمائندي ذريعي آگاهه ڪيو ويندو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر کي به ووٽنگ جي منعقد ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو ويندو. سلامتي ڪائونسل جو (اسٽرا پول) سيڪريٽري جنرل جي اميدوارن جي اهليت ۽ حمايت جو جائزو وٺڻ لاءِ بند ڪمري ۾ ٿيل غير رسمي ۽ ڳجهي راءِ شماري آهي جنهن جا نتيجا سرڪاري طور جاري نٿا ڪيا وڃن. چلي جو اڳوڻو صدر هلندڙ مهيني هٿ کڻڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي ايندڙ سيڪريٽري جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار آهي . ان کان علاوه ڪوسٽاريڪا جو اڳوڻو صدر ۽ گڏيل قومن جو واپار، ترقي بابت موجوده سيڪريٽري جنرل ريبيڪا ڪريسپين، گڏيل قومن ۾ گيانا جو مستقل ميمبر ڪيرولين روڊ ريگز برڪٽ، ايڪواڊور جو اڳوڻو وزير ۽ سفارتڪار ايوون اي بڪي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اڳوڻو صدر ۽ ايڪواڊور جو اڳوڻو پرڏيهي وزير، ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو موجوده ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي، يوگنڊا جو اولارااوتوننو ۽ سينيگال جو اڳوڻو صدر مڪي سال شامل آهن. واضح رهي ته موجوده گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جو پنجن سالن جو مدو هلندڙ سال جي آخر ۾ مڪمل ٿي ويندو جڏهن ته نئون سيڪريٽري جنرل پهرين جنوري 2027 ع تي منصب سنڀاليندو.












